اَکِيُون جي سنڌي معنيٰ
نيڻَ، نظرون، چشم، نگاھون، دِيدُون
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Eyes
اَکِيُون جا بيتن ۾ حوالا
جيڏانھَن قاتِلَ ڪُلَ، اَکِيُون اوڏانھِين کَڻي،
مَٿو ڪَنِ نَہ مُلَ، پِڪَ بَرابَرِ پانھِنجو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 5 ]
مَٿو ڪَنِ نَہ مُلَ، پِڪَ بَرابَرِ پانھِنجو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 5 ]
جيڏانھَن قاتِلَ ڪوڙَ، اَکِيُون اوڏانھِين کَڻي،
وِھُ تَنِي جي ووڙَ، جَنِي سانگُ نَہ ساھَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 6 ]
وِھُ تَنِي جي ووڙَ، جَنِي سانگُ نَہ ساھَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 6 ]
ناسِيندي نَظَرُ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي،
قَمَرَ ڪَھِجِ قَرِيبَ کي، نِسَتُ ۽ نِٻَرُ،
ٻِئو ڀَروَسو نَہ ڀَرُ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 2 ]
قَمَرَ ڪَھِجِ قَرِيبَ کي، نِسَتُ ۽ نِٻَرُ،
ٻِئو ڀَروَسو نَہ ڀَرُ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 2 ]
ناسِيندي نِھارَ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي،
آئُون جي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَئِجِ چَنڊَ اَپارَ،
ساجَنَ سَڀَ ڄَمارَ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 4 ]
آئُون جي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَئِجِ چَنڊَ اَپارَ،
ساجَنَ سَڀَ ڄَمارَ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 4 ]
سانگِ مَ وَڃَنِ سُپِرِين، مَرُ ھيڪاندا ھُونِ،
اَکِيُون رَتُ نَہ رُونِ، جِهڄَڻ کان جَهلَ ٿِئي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 10 ]
اَکِيُون رَتُ نَہ رُونِ، جِهڄَڻ کان جَهلَ ٿِئي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 10 ]
چَنڊَ ٿو چُئَئِين حَقُ، وِڙِھين جي وِچِڙين،
ٻَہ اَکِيُون ٽِئون نَڪُ، تو ۾ ناھِ پيشانِي پِرَ جِي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 27 ]
ٻَہ اَکِيُون ٽِئون نَڪُ، تو ۾ ناھِ پيشانِي پِرَ جِي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 27 ]
اَکِيُون مُنھُن ميھارَ ڏي، جَنِ رَکِيُون جوڙي،
ريءَ سَنڊَ سَيِّدُ چئَي، تارِ گهِڙَنِ توڙي،
تَنِي کي ٻوڙي، سائِرُ سَگهي ڪِينَڪِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 6 ]
ريءَ سَنڊَ سَيِّدُ چئَي، تارِ گهِڙَنِ توڙي،
تَنِي کي ٻوڙي، سائِرُ سَگهي ڪِينَڪِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 6 ]
ڪا جَا ڪُنَ ڪَرِينِ، ڀِنِيءَ ڀُڻِ جُهڻِ پاڻَ ۾،
آڌِي اُنهِينءَ آبَ کي، اَکِيُون اُڪيرِينِ،
توڙي تِڪُون ڏِينِ، تَہ اُڃَ اُنَ کي نَہ لَھي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 21 ]
آڌِي اُنهِينءَ آبَ کي، اَکِيُون اُڪيرِينِ،
توڙي تِڪُون ڏِينِ، تَہ اُڃَ اُنَ کي نَہ لَھي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 21 ]
ھُوءَ جا ٻَري باھِ، سانڀاراَ ساھَڙَ جِي،
اَکِيُون اُنَ اُھاءِ وَڃَنِ ڪُنَ ڪَپِينديُون.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 17 ]
اَکِيُون اُنَ اُھاءِ وَڃَنِ ڪُنَ ڪَپِينديُون.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 17 ]
اَکِيُون پيرَ ڪَري وَڃِجي پَرَ وَڃِجي،
سُپيرِيان جِي ڳالِهڙِي، ڪَنھِن سان ڪِينَ ڪِجي،
لِڪائَي لوڪَ کان، ڳوٺان ڳُجَهڙِي نِجي،
مَحبَتِيءَ ميھارَ جو، سُورَ نَہ ڪَنھِن سَلِجي.
[ سُر سھڻي، وايون، 12 ]
سُپيرِيان جِي ڳالِهڙِي، ڪَنھِن سان ڪِينَ ڪِجي،
لِڪائَي لوڪَ کان، ڳوٺان ڳُجَهڙِي نِجي،
مَحبَتِيءَ ميھارَ جو، سُورَ نَہ ڪَنھِن سَلِجي.
[ سُر سھڻي، وايون، 12 ]
English Meaning
Eyes
اَکِيُون ٻول جا زمرا