اَزَلَ جي سنڌي معنيٰ
شروعات کان سواءِ هميشگي، اناد. ”اَبد“ جو ضد، دنيا جي پيدا ٿيڻ وارو پھريون ڏينھن، ميثاق وارو ڏينھن، منڍ، اصل، بڻياد، ابتدا، تخليق جي شروعات، ابتداء آفرِينَش. قسمت، مقدر، تقديرَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
ازل: (ع) ھي فلسفي جو اصطلاح آھي ۽ سندس معنى آھي: ”اھو جنھن کي آد يا شروعات نہ ھجي“. سندس ضد آھي ”ابد“، يعني ”اھو جنھن کي ڪا انت يا آخر نہ ھجي“.
ذريعو:شاھ جو رسالو - ھوتچند مولچند گربخشاڻي
English Meaning
First day of eternal creation, fate, initial
اَزَلَ جا بيتن ۾ حوالا
آگي ڪِئا اَڳھَيِن، نِسوروئي نُورُ،
لاخَوفُ عَلَيھم ولا ھُم يحزَنُونَ ، سَچَن ڪونِهي سُورُ،
مَولا ڪِئو مَعمُورُ، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 6 ]
لاخَوفُ عَلَيھم ولا ھُم يحزَنُونَ ، سَچَن ڪونِهي سُورُ،
مَولا ڪِئو مَعمُورُ، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 6 ]
English Meaning
First day of eternal creation, fate, initial