آھَ جي سنڌي معنيٰ
ڏُکَ، تڪليف، درد يا سُور ۾ اندر مان نڪتل آواز. دانھن فرياد. رڙ. پِٽَ، پاراتو. آسَ، اميد، آسرو. ندا افسوس!
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Oh! Alas! Oh! s. f. Lamentation, complaint.
آھَ جا بيتن ۾ حوالا
عاشِقَ زَھَرَ پِياڪَ، وِھُ پَسِي وِھسَنِ گهَڻو،
ڪَڙيۡ ۽ قاتِلَ جا، ھَميشه ھيراڪَ،
لَڳِيءَ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، فَنا ڪِئا فِراقَ،
توڻي چِڪَنِ چاڪَ، تَہ آھَ نَہ سَلَنِ عامَ کي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 29 ]

مُون اُڀي تَڙَ پاسِ، پِرِيَنِ پَڳَھَ ڇوڙِئا،
ٿِئا سَڻاوا، سِيرَ تي، دَمِ دَمِ دُعا ڪَندِياسِ،
آھَ نَہ لاھِيندِياسِ، موٽِي ايندا مان ڳَري.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 8 ]

ڪافُون ڪاھِيندِياسِ، موٽان تَہ ڪُرَ ميھَڻو،
ٻانِهي ٻاروچَنِ سين، سَڱُ نَہ ساھِيندِياسِ،
اَلفِراقُ اَشَدُّ مِنَ المَوتِ ، ھِتي نَہ ھُوندِياسِ،
آھَ نَہ لاھِيندِياسِ، جِيئَري جَتُ ڏِسِي مَران.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 9 ]

رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ ڪووَلَ جِي ڪُوڪَ،
وَلوَلو ۽ وُوڪَ، اِيءَ تان آھَ عِشقَ جي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 14 ]

رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ ڪَرَڪي ڪُونجَ،
نَعرو مَنجِهہ نِڪُونجَ، اِيءَ تان آھَ عِشقَ جِي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 15 ]

آڏَ تِراڇا آھُڙا، ڏُونگَرَ کي ڏاڪا،
ڪِيَمِ آھَ عَجِيبَ کي، سِڪَ مَنجهان سا ڪا،
پيئِي ھِيڻِيءَ جِي ھوتَ کي، ڪُوڪَ وَڃِي ڪَنِ ڪا،
مُنھِنجو وَسُ واڪا، ٻُڌَڻُ ڪَمُ ٻَروچَ جو.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 1 ]

نَہ ڪا ڏُکَ پَچارَ، آھَ نَہ سُڄي سُورَ جِي،
ڪانِهي تَنِ تَنوارَ، نِينھَن نِماڻِيُون جي ڪِيُون.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 30 ]

وِھين ۽ ويلا ڪَرِيين، اِيءَ نَہ اُڪَنڊَ آھَ،
سي لاڳاپا ئِي لاھِ، اورِيان اُڀِيارِينِ جي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 11 ]

ڏوري ڏِسِي ڏُونگَرين، واٽَ وِڃائِي جَنِ،
اُوءِ بَصِيرَ بَرَنِ ۾، اَنڌا ٿِئو اُڀِيَنِ،
ڪَنَنِ آڏِيُون تاڙِيُون، گُنگَنِ جِيئَن گهُمَنِ،
فِراقِي فَرمانَ جو، آھي ٻَرُ ٻوڙَنِ،
لَنگهان ٿِئو لاھُوتَ کي، سُتا پِئا سِڪَنِ،
کَپَتِ کاھوڙِيَنِ، آھَ اُٿي پي نَہ لَھي.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 1 ]

سُتِي سيڄَ ھُياسِ، مُون کي آھَ اُٿارِئو،
جَنِي جاڳاياسِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 10 ]