آڳَڙِيَنِ جي سنڌي معنيٰ
لوھارن، (آڳ يعني باھ تي ڪم ڪندڙن)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Blacksmiths, men who are working on fire.
آڳَڙِيَنِ جا بيتن ۾ حوالا
مَنجهان مَچَ مَچُ ٿِئا، چَڙِهئو چَڪاسِينِ چاھَ،
اِيءَ پَرِ آڳَڙِيَنِ جِي، ٻِي ڇَڏِيائُون واھَ،
سيڻَنِ جِي صَلاحَ، سِرَ ڏِنائُون سَٽِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 24 ]
اِيءَ پَرِ آڳَڙِيَنِ جِي، ٻِي ڇَڏِيائُون واھَ،
سيڻَنِ جِي صَلاحَ، سِرَ ڏِنائُون سَٽِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 24 ]
ڌَنءُ ڌَنءُ ڌَمَڻِوارَ، اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ جِي،
ٻاري مَچُ مَجازَ جو، اوتِيائُون اَڱارَ،
ڌُوڌا ٿِيءُ مَ ڌارَ، جِمَ ڪَچو رُڪُ ڪَڙِيُون ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 13 ]
ٻاري مَچُ مَجازَ جو، اوتِيائُون اَڱارَ،
ڌُوڌا ٿِيءُ مَ ڌارَ، جِمَ ڪَچو رُڪُ ڪَڙِيُون ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 13 ]
لوھُ ٻَري ڪَٽُ ڪَڙھي، ڌُوڌا جِتِ ڌَڳَنِ،
مُتِرِڪَنِ مُنھَن ڪَڍِئا، سانڌاڻِيون ڪَنبَنِ،
اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آھي مَچَ تي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 15 ]
مُتِرِڪَنِ مُنھَن ڪَڍِئا، سانڌاڻِيون ڪَنبَنِ،
اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آھي مَچَ تي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 15 ]
پَچائي پَھاڻُ، جَنِ رَساڻِئو رُڪَ کي،
تَنِي سَندو ڄاڻُ، آھي آڳَڙِيَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 16 ]
تَنِي سَندو ڄاڻُ، آھي آڳَڙِيَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 16 ]
English Meaning
Blacksmiths, men who are working on fire.