آڏو جي سنڌي معنيٰ
اڳيان، سامهون، روبرو، مقابل، سنمُک
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
In front, in presence of, ahead.
آڏو جا بيتن ۾ حوالا
آڏو چِڪَڻُ چاڙُه، مُنھِنجِي مَوجَ نَہ سَھي مَڪُڙِي،
ميڙي مَٺايُنِ جو، بيحَد چاڙھيُمِ بارُ،
چَوَڻَ چارو ناھِ ڪو، بَدِيُون بيشُمارُ،
ڪَپَرُ ڪارُونڀارُ، اُڪارِيين اِحسانَ سين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 16 ]
ميڙي مَٺايُنِ جو، بيحَد چاڙھيُمِ بارُ،
چَوَڻَ چارو ناھِ ڪو، بَدِيُون بيشُمارُ،
ڪَپَرُ ڪارُونڀارُ، اُڪارِيين اِحسانَ سين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 16 ]
کَرَڪَنِ ڪِئو کَڙو، مُنھِنجو مَنُ ميھارَ ڏي،
آڏو لُڙُ لَطِيفُ چئَي، لَهرِيُون لَسَ لَڙو،
چارِي ٿِيُمِ چَڙو، ٻُرِي ٻيلايَنِ جو.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 6 ]
آڏو لُڙُ لَطِيفُ چئَي، لَهرِيُون لَسَ لَڙو،
چارِي ٿِيُمِ چَڙو، ٻُرِي ٻيلايَنِ جو.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 6 ]
تَنَ کي ڪَڍي تارِ مان، صُلِحُ ساھَڙَ جو،
اُتِ آڏو اَچي ڪِينَ ڪِي، ٻيلِيَپو ٻي جو،
ميھارَ ڪِجِ مُنھِنجو، ڪو اوڪَرُ ڪَنھِين آرَ تان.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 26 ]
اُتِ آڏو اَچي ڪِينَ ڪِي، ٻيلِيَپو ٻي جو،
ميھارَ ڪِجِ مُنھِنجو، ڪو اوڪَرُ ڪَنھِين آرَ تان.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 26 ]
ڪِي تَران ڪِي تاريجِ، ڪِي سَگهان ڪِي سَگهُہ،
آڏو ڏيجِ مَ گهَگهُہ، مُون ھيڪَلِيءَ وَلَها.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 15 ]
آڏو ڏيجِ مَ گهَگهُہ، مُون ھيڪَلِيءَ وَلَها.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 15 ]
واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، پاڻِي کَنيُمِ نَہ پاءُ،
جَبَلُ جَلِدايُون ڪَري، تِکَ ڏيکاري تاءُ،
لَڳي لُڪَ لَطِيفُ چئَي، مَعذُورِنِ مَٿانءُ،
اُتي آڏو آءُ، جِتِ ھُوندِيَسِ ھوتَ ھيڪَلِي،
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 5 ]
جَبَلُ جَلِدايُون ڪَري، تِکَ ڏيکاري تاءُ،
لَڳي لُڪَ لَطِيفُ چئَي، مَعذُورِنِ مَٿانءُ،
اُتي آڏو آءُ، جِتِ ھُوندِيَسِ ھوتَ ھيڪَلِي،
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 5 ]
ھوتُ تُنھِنجي ھَنجَ ۾، پُڇين ڪوھُ پَرياڻُ؟
وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ ، تُنھِنجو تو ئِي ساڻُ،
پَنھِنجو آھي پاڻُ، آڏو عَجِيبَنِ کي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 14 ]
وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ ، تُنھِنجو تو ئِي ساڻُ،
پَنھِنجو آھي پاڻُ، آڏو عَجِيبَنِ کي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 14 ]
مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، جِيئَڻُ آڏو جَتَ،
ھارِي ڪَرِ ھِمَتَ، تَہ ڏيئِي دَمُ دوسُ لَھين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 4 ]
ھارِي ڪَرِ ھِمَتَ، تَہ ڏيئِي دَمُ دوسُ لَھين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 4 ]
وِلاڙِيو وَڻين چَرِھي، ڏُسڪي مَنجِهہ ڏارَنِ،
ڏِئو لَتُون لامُنِ تي، چَڙِهي سِرِ چوٽِنِ،
ويچارِيءَ ويساھِين نَہ ڏي، پاڻِي کان پِنبِڻَنِ،
لَسَ کان لُڙِڪَنِ، آڏو ڌُنڌُ اَچِي وِئو.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 21 ]
ڏِئو لَتُون لامُنِ تي، چَڙِهي سِرِ چوٽِنِ،
ويچارِيءَ ويساھِين نَہ ڏي، پاڻِي کان پِنبِڻَنِ،
لَسَ کان لُڙِڪَنِ، آڏو ڌُنڌُ اَچِي وِئو.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 21 ]
جَبَلُ ماري جَکَ، جو آڏو آرِيچَنِ کي،
توڻي لَڪَنِ لَکَ، تَہ سَڀَ لَنگَهندِيَسِ سِڪَ سين.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 11 ]
توڻي لَڪَنِ لَکَ، تَہ سَڀَ لَنگَهندِيَسِ سِڪَ سين.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 11 ]
جَبَلُ جيڏو ئِي آڏو آرِيچَنِ کي،
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بُرفَتَ بِروھِي،
رِڃُنِ ۾ روئِي، پَسان شالَ پُنهونءَ کي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 12 ]
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بُرفَتَ بِروھِي،
رِڃُنِ ۾ روئِي، پَسان شالَ پُنهونءَ کي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 12 ]
English Meaning
In front, in presence of, ahead.