آڇِ جي سنڌي معنيٰ
نهارڻ، جاچڻ، ٻڌائڻ، ڳالهہ ڪرڻ، اعلان ڪرڻ، سڏڻ، نالو ڌرڻ، باسڻ، ڄاڻائڻ، ظاهر ڪرڻ، سڃاڻپ ڪرائڻ] صلاح ، پيشڪش. وات ٽُڪاڻي. اعلان ، پڌرائي. نِهارَ ، جاچَ ، چڪاس. انعام ، عطيو. بخشش. ڏيڻ جي خواهش
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
An offer, to offer
آڇِ جا بيتن ۾ حوالا
ھَرَھَرَ ھَرَ رائِي وَڃَڻُ دَرِ دوسِتَنِ جي،
پاڙي ڏانھَن پِرِيَنِ جي، اُجُهہ مَ اَوائِي،
اَلَڙِ ٿِي مَ آڇِ تُون، واٽاڙُوئَن وائِي،
لائِيندِينءَ لَطِيفُ چئَي، سُوران سُرھائِي،
ڳُجهو ڳالَهائي، پِرتِ وَٽِجي پاڻَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 1 ]
پاڙي ڏانھَن پِرِيَنِ جي، اُجُهہ مَ اَوائِي،
اَلَڙِ ٿِي مَ آڇِ تُون، واٽاڙُوئَن وائِي،
لائِيندِينءَ لَطِيفُ چئَي، سُوران سُرھائِي،
ڳُجهو ڳالَهائي، پِرتِ وَٽِجي پاڻَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 1 ]
اَمُلُ آڇِ مَ اُنِ کي، جٖي نَہ پَرُوڙِينِ مَتِ،
جِتِ گَڏِجَئِي جَوھَرِي، ماڻِڪُ تِتَھِين مَٽِ،
جَنِ سونَ سين سَٽِ، تَنِ ھَڻِي رِيءُ رَدِ ڪِئو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 9 ]
جِتِ گَڏِجَئِي جَوھَرِي، ماڻِڪُ تِتَھِين مَٽِ،
جَنِ سونَ سين سَٽِ، تَنِ ھَڻِي رِيءُ رَدِ ڪِئو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 9 ]
پِرِيَنِ جي پَنڌان، مُون کي جٖي جَهلِينديُون سي نَہ پُڄَندِيُون،
ڀَلِي ڪَري آيو، ٺاٺارو ڏيھان،
ڀَڳي ڪُٽِ سَڄِي ٿِئي، لَٿِي جاکَ ڳَرا،
سَرَتِيُنِ سُورَ پِرايا، ھاڻي ھِنَ ھَنڌان،
مَتِيُون موٽَڻَ سَندِيُون، تُون ھَڏِ آڇِ مَ ماءُ،
تان ڪِي ڏُونگَرَ ڏورِيان، جان ڪُڙِه اَندَرِ ساھُ،
تان ڪِي واسُ وِھائِيان، ٻاروچي مُلا.
[ سُر سامونڊي، وايون، 1 ]

تُرَھو آڇِ مَ تَنھِن کي، جَنھِن عِشقَ سين آگاھَ،
پُڇي مَسَ مَلاحَ سائِرُ مَڻي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 41 ]
پُڇي مَسَ مَلاحَ سائِرُ مَڻي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 41 ]
سُورَ مَ ڏي ڌُوڻَ آئُون اَڳيئِي ڪانھِري،
ڦَٽَ اَڳيئِي ڦَٽِيا، تُون لَپُون آڇِ مَ لُوڻَ،
جا پَرِ پَروڻَ، سا پَرِ مُنھِنجي جِندَڙي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 10 ]
ڦَٽَ اَڳيئِي ڦَٽِيا، تُون لَپُون آڇِ مَ لُوڻَ،
جا پَرِ پَروڻَ، سا پَرِ مُنھِنجي جِندَڙي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 10 ]
نيرانا ئِي نيڻَ، نيئِي آڇِ پِرِيَنِ کي،
سَتَرِ کاڌا کيڻَ، جُھ ڏِٺو مُنھُن مَحبُوبَ جو.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 4 ]
سَتَرِ کاڌا کيڻَ، جُھ ڏِٺو مُنھُن مَحبُوبَ جو.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 4 ]
سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، مارُوءَ سَندا مُون،
پَٽولا پَنوَھارَ کي، عُمَرَ آڇِ مَ تُون،
وَرُ لوئِيءَ لُون، ڏاڏاڻَنِ ڏِنِيامِ جَا.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 3 ]
پَٽولا پَنوَھارَ کي، عُمَرَ آڇِ مَ تُون،
وَرُ لوئِيءَ لُون، ڏاڏاڻَنِ ڏِنِيامِ جَا.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 3 ]
English Meaning
An offer, to offer