آوازَ جي سنڌي معنيٰ
شين جي پاڻ ۾ لڳڻ جو پڙلاءَ، اهڙو پڙلاءَ جو ٻڌڻ ۾ اچي. ڳالهاءَ. آلاپ. تنوار. سَڏُ. هَڪَلَ. پُڪار. ندا. هُل، گوڙُ. سُوال، صدا. ڪڙڪو. کڙڪو. چيچاٽُ. ڦھڪو. گُونجَ. (اصل لفظ سنڌي: وِڄُ، واڄ، فارسي: واز، آواز.)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A sound, noise, voice.
آوازَ جا بيتن ۾ حوالا
صائِمُ سِڪي جِيئَن، اَذانَ جي آوازَ کي،
مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن، اُڪَنڊَ اَباڻَنِ جِي.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 15 ]
مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن، اُڪَنڊَ اَباڻَنِ جِي.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 15 ]
جُتو وانءُ جَھازَ، گَڏِئو غُرابَنِ سين،
پُورِيندي ھُنَ پارَ ڏي، سَڌَرَ کَڻِجِ سازَ،
اَچَنِ ٿا آوازَ، سَٽاڻي سَمُنڊَ جا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 9 ]
پُورِيندي ھُنَ پارَ ڏي، سَڌَرَ کَڻِجِ سازَ،
اَچَنِ ٿا آوازَ، سَٽاڻي سَمُنڊَ جا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 9 ]
English Meaning
A sound, noise, voice.