لاھُوتُ جي سنڌي معنيٰ
عالم ذات الاهي عالم ذات الاهي، جنھن ۾ مالڪ کي فنا في الله جو مقام حاصل آهي، صوفي طريقي جي چوٿين منزل، لَئُون، مَحوِيَتَ. (اسم خاص) ڪراچيءَ کان ڇٽيھَ ڪوهن جي مفاصلي تي هڪ زيارت گاھ جو نالو، پٻ جبل جي هڪ وڏي صفي جو نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Fourth destinition in Soofi descipline. Name of a place on Pabb mountains.
لاھُوتُ جا بيتن ۾ حوالا
آيا اُلُوھيَتَ ۾، لاھُوتُ لَنگِهئو جَنِ،
مَنجهان تَنِ جُسَنِ، حَرَفُ نَہ سُڄي ھيڪِڙو.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 8 ]

راھَ شَرِيعَتَ ھَلِئا، تَفَڪُرُ طَرِيقَ ٿِئونِ،
حالِ حَقِيقَتَ رَسِئا، مَعرِفَتَ ماڳونِ،
ناسُوتُ مَلَڪُوتُ جَبَرُوتُ، اِيءُ اِنعامُ ٿِئونِ،
پَسُ لاھُوتُ لَنگهِئُونِ، مَٿي ھاھُوتَ ھَلِئا.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 9 ]