ھِڪِڙو جي سنڌي معنيٰ
هڪ واحد، ڇڙو، اڪيلو، نجو، يڪو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
One, only one, lonely, pure one, alone.
ھِڪِڙو جا بيتن ۾ حوالا
اَلُ اَلِيندي ڪيتِرو، ڪاتِبَ ٿا لِکَنِ،
سَنِهِي ٿُلِهي ڳالِهڙِي، جوڙِئو جَمَعُ ڪَنِ،
تُون پاڙوسِي تَنِ، جَنِ حَرَفُ نَہ وِسِري ھِڪِڙو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 37 ]
سَنِهِي ٿُلِهي ڳالِهڙِي، جوڙِئو جَمَعُ ڪَنِ،
تُون پاڙوسِي تَنِ، جَنِ حَرَفُ نَہ وِسِري ھِڪِڙو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 37 ]
راتِ اُونداھِي ريءَ گَهڙي، مَٿان وَسِئو مِينھُن،
ھِڪِڙو ڀَئُہ بيراھَ جو، ٻِئو سانڀاران شِينھُن،
شالَ مَ ڇِڄي نِينھُن، گهِڙان گهورِئو جِندَڙو.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 18 ]
ھِڪِڙو ڀَئُہ بيراھَ جو، ٻِئو سانڀاران شِينھُن،
شالَ مَ ڇِڄي نِينھُن، گهِڙان گهورِئو جِندَڙو.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 18 ]
ڇَپَرِ وِجَهندِيَسِ پاڻُ، اَڃا ڀيرو ھِڪِڙو،
مَرُ جانْ جانِ جُدا ٿِئي، لَڳِي لَڪَنِ ساڻُ،
ڪيچِيَنِ تان قُربانُ، ماءِ مُنھِنجو جِندَڙو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 21 ]
مَرُ جانْ جانِ جُدا ٿِئي، لَڳِي لَڪَنِ ساڻُ،
ڪيچِيَنِ تان قُربانُ، ماءِ مُنھِنجو جِندَڙو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 21 ]
ٻَڌِي سُورَنِ سَندِرو، صُبُوحِ ڏُونگَرِ ڏورِئامِ،
ڪَندي ڪَشالا ڪيچَ ڏي، ويلا وِچِ پِئامِ،
سَوين ساٿَ گَڏِئامِ، پُنهونءَ پارُ نَہ ھِڪِڙو.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 17 ]
ڪَندي ڪَشالا ڪيچَ ڏي، ويلا وِچِ پِئامِ،
سَوين ساٿَ گَڏِئامِ، پُنهونءَ پارُ نَہ ھِڪِڙو.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 17 ]
ڏُونگَرَ تو تي ڏُکُ، اَڃا آھيمِ ھِڪِڙو،
سُورَنِ ڀَڳُمِ سُکُ، وِئا تي ٿِي ووڙِيان.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 5 ]
سُورَنِ ڀَڳُمِ سُکُ، وِئا تي ٿِي ووڙِيان.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 5 ]
سَؤُ سُکَنِ ڏيئِي، وِرھُ وِھايُمِ ھِڪِڙو،
پَھتِ مُون پيئِي، سَرَتِيُون اِنَهيءَ سُورَ سين.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 11 ]
پَھتِ مُون پيئِي، سَرَتِيُون اِنَهيءَ سُورَ سين.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 11 ]
سَؤُ سُکَنِ ڏيئِي، وِرھُ وِھايُمِ ھِڪِڙو،
مُون کي جَنھِن نيئِي، دَرُ سُونھايو دوسَ جو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 12 ]
مُون کي جَنھِن نيئِي، دَرُ سُونھايو دوسَ جو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 12 ]
فانِي مِيان فانِي، دُنِيا دَمُ نَہ ھِڪِڙو،
لَٽي لوڙُه کَڙَنِ سين، جوڙِيندا جانِي،
ڪوڏَرِ ۽ ڪانِي، آھي سِرِ سَڀَ ڪَنھِن.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 16 ]
لَٽي لوڙُه کَڙَنِ سين، جوڙِيندا جانِي،
ڪوڏَرِ ۽ ڪانِي، آھي سِرِ سَڀَ ڪَنھِن.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 16 ]
آدِمِيَنِ اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪِئو،
ڪَڏِھِين کائي ڪو نَڪو، سَندو ماڻُهوءَ ماسُ،
دِلبَرَ ھِنَ دُنِيا ۾، وَڃِي رَھندو واسُ،
ٻِئو سَڀَ لوڪُ لِباسُ، ڪو ھِڪدِلِ ھُوندو ھِڪِڙو.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 6 ]
ڪَڏِھِين کائي ڪو نَڪو، سَندو ماڻُهوءَ ماسُ،
دِلبَرَ ھِنَ دُنِيا ۾، وَڃِي رَھندو واسُ،
ٻِئو سَڀَ لوڪُ لِباسُ، ڪو ھِڪدِلِ ھُوندو ھِڪِڙو.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 6 ]
جَنِي سَندي مُنھَن ۾، نِھايُون نَڪَنِ،
تَنِ مان وَڍِئو ھِڪِڙو، ڪِھَڙو ٿورو تَنِ.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 18 ]
تَنِ مان وَڍِئو ھِڪِڙو، ڪِھَڙو ٿورو تَنِ.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 18 ]
English Meaning
One, only one, lonely, pure one, alone.