ھِينئَڙا جي سنڌي معنيٰ
اي ھيانءَ، او دل، او منھنجا وجودَ، پنھنجو پاڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Innermost, own-self, heart, existence
ھِينئَڙا جا بيتن ۾ حوالا
وَڍي جَنِ وِڌِياسِ، وَرِي ويڄَ ئِي سي ٿِئا،
تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزُ ڪِئائُون راسِ،
ھِينئَڙا تَنِي پاسِ، گهارِ تَہ گهايَلُ نَہ ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 16 ]

جَنِي سَندِيءَ جِيءَ ۾، ڀَتُون ڀَتين ٻوڏُ،
ڪِھَڙو ڪَرِيين ڪوڏُ، ھِينئَڙا پَسِي تَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 29 ]

وانءُ وَڃِي وانئُٺِ، ھِينئَڙا ماڳُ پِرِيَنِ جو،
چُمِيو چُمُ چانئُٺِ، ھُوءَ جا سَندِي سَڄَڻين.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 29 ]

صَبُرُ شاڪِرَنِ، آھي اوطاقُنِ ۾،
جٖي وَصُلَ ٿِئا وِصالَ سين، سي ذَرو ظاھِرُ نَہ ڪَنِ،
وييَتَ واھُرَ تَرَنِ، ھِينئَڙا جَنِ ھَڄِي وِئا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 14 ]

سڄو صافُ نَہ اُڀِري، سَرلي وِچان سِجُ،
مُنھِن چَڙِهئو ماڻُهنِ کي، ڏي واڌايُون وِڄُ،
ھِينئَڙا کَپُ مَ کِجُ، سِگها مِلَندَءِ سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 10 ]

ڏُکِيءَ سَندِيُون ڌُونگَرِين، پَسو پِٽُون پُونِ،
ڏاري جو ڏُونگَرَ کي، سو ڪِي چَيو چُوَنِ،
آرِيءَ جي اَفسوسَ ۾، ماڻُهو مِرُون رُونِ،
اِنَ پَرِ سيئِي ھُونِ، ھِينئَڙا جَنِ ھَڄِي وِئا.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 12 ]

لَڳِيءَ جو لَطِيفُ چئَي، قالُ نَڪو قِيلُ،
لِکِئي ناڀُون کوڙِيُون، نيڻين وَھي نِيرُ،
ھِينئَڙا ٿِيءُ سُڌِيرُ، ڪالَهہ قَرِيبَنِ لَڏِئو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 13 ]

جِيءُ جِيارِئو جَنِ، سَڄَڻَ مانَ اَچَنِ،
مُنھِنجو پَرَڏيھِي راڻو ڪا واري،
ھِينئَڙا ٿِيءُ مَ ڪانھِلو، سَدا سانگَ پَوَنِ،
کاڻِيُون لوٺِيُون اَکِيُون، مُٺِيُون ماٺِ نَہ ڪَنِ،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مَرُ ٿا چاڪَ چِڪَنِ.
[ سُر راڻو، وايون، 3 ]

ڳَرَھِ مَ ڳُجهو رو، پَڌَرِ وِجُهہ مَ پِريَڙِي،
سُورَنِ سُڀَرُ ھو، ھِينئَڙا ڪُمَ ڪَڻَنِ جِيئَن.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 11 ]

ڳالِهہ پِريان جي ڳُجَهہ جِي، ڳالِهہ مِڙِيائِي ڳُجُهہ،
ھِينئَڙا اُجُهہ مَ ٻُجُهہ، تَہ پِرِيَنِئُون پِرِين ٿِئين.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 27 ]