ھُوندو جي سنڌي معنيٰ
ھئڻ واري حالت، ھوند، موجودات، شاھوڪاري، اميري، دنيا، دولت، ملڪيت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
State of "Have". Possessed, to have.
ھُوندو جا بيتن ۾ حوالا
ھُوندو ھَڏِ مَ رَکُ، لاءِ پِياڪَنِ پانھِنجو،
وَٽِي واٽاڙُوئَن کي، پِياري پَرِکُ،
سا لِکَ لَھي ٿِي لَکُ، جا تو اِيندِي اُنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 8 ]
وَٽِي واٽاڙُوئَن کي، پِياري پَرِکُ،
سا لِکَ لَھي ٿِي لَکُ، جا تو اِيندِي اُنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 8 ]
ھُوندو ھَڏِ مَ سَنڌِ، لاءِ پِياڪَنِ پانھِنجو،
پوڄَ پِيارِجِ پَھِيڙا، ويندا وَٺِئو ڪَنڌِ،
ھَٽِ تُنھِنجي ھَنڌِ، موکِي ڪو مانُ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 9 ]
پوڄَ پِيارِجِ پَھِيڙا، ويندا وَٺِئو ڪَنڌِ،
ھَٽِ تُنھِنجي ھَنڌِ، موکِي ڪو مانُ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 9 ]
ھيجُ نَہ ھُوندو جَنِ، سي ڪِيئَن وِندُرِ ويندِيُون،
وِھو وِچِ رَھَنِ، سَھِسين سَڌُنِ وارِيُون.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 1 ]
وِھو وِچِ رَھَنِ، سَھِسين سَڌُنِ وارِيُون.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 1 ]
ٿورَ ويرَمِي ٿِيءُ، وَڃَڻُ ويرَ مَ نَہ سَھي،
ڏيئِي مَرِجِ ڏُونگَرين، جَتَنِ ڪارَڻِ جِيءُ،
ھَڏِ نَہ ھُوندو ھِيءُ، ساھُ پِريان تان صَدِقو.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 13 ]
ڏيئِي مَرِجِ ڏُونگَرين، جَتَنِ ڪارَڻِ جِيءُ،
ھَڏِ نَہ ھُوندو ھِيءُ، ساھُ پِريان تان صَدِقو.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 13 ]
ڇا کي وَڃِئو ڇو، ٻيلِي رَھين ٻِئَنِ جو،
وَٺُ ڪَنجَڪَ ڪَرِيمَ جِي، جَڳَ ۾ آھي جو،
سَھکو ھُوندو سو، جَنھِن جو عِشقُ اللهَ سين.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 1 ]
وَٺُ ڪَنجَڪَ ڪَرِيمَ جِي، جَڳَ ۾ آھي جو،
سَھکو ھُوندو سو، جَنھِن جو عِشقُ اللهَ سين.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 1 ]
آدِمِيَنِ اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪِئو،
ڪَڏِھِين کائي ڪو نَڪو، سَندو ماڻُهوءَ ماسُ،
دِلبَرَ ھِنَ دُنِيا ۾، وَڃِي رَھندو واسُ،
ٻِئو سَڀَ لوڪُ لِباسُ، ڪو ھِڪدِلِ ھُوندو ھِڪِڙو.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 6 ]
ڪَڏِھِين کائي ڪو نَڪو، سَندو ماڻُهوءَ ماسُ،
دِلبَرَ ھِنَ دُنِيا ۾، وَڃِي رَھندو واسُ،
ٻِئو سَڀَ لوڪُ لِباسُ، ڪو ھِڪدِلِ ھُوندو ھِڪِڙو.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 6 ]
جَهنگَلُ آھيڙِيَنِ کي، ڀَنَڻُ ڪِئو رُوندو،
”نَہ ڪُتا نَہ ڪوڙِڪِيُون“، چَرِئو ٿو چُوندو،
ھَڏِھِين نَہ ھُوندو، اُنِهان پوءِ عالَمَ ۾.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 12 ]
”نَہ ڪُتا نَہ ڪوڙِڪِيُون“، چَرِئو ٿو چُوندو،
ھَڏِھِين نَہ ھُوندو، اُنِهان پوءِ عالَمَ ۾.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 12 ]
ڇڏِئو پِرِينءَ پَچارَ، سَڄِيُون راتِيُون سُمهين،
تو ڀانيو سَڀَ ڄَمارَ، سَڄَڻُ ھُوندو مان ڳَري.
[ سُر ڏھر، رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي، 1 ]
تو ڀانيو سَڀَ ڄَمارَ، سَڄَڻُ ھُوندو مان ڳَري.
[ سُر ڏھر، رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي، 1 ]
سُتو ڪِيئَن نِنڊُون ڪَرِيين، وَرَ وِھاڻِيءَ ووءِ،
صُباحَ ساجُ سَندوءِ، پِئو ھُوندو پَٽَ ۾.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 33 ]
صُباحَ ساجُ سَندوءِ، پِئو ھُوندو پَٽَ ۾.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 33 ]
”آئُون“، ”اَسِين“ جَنِ، ھَميشه ھُوندو،
تَنِي کي ڀُونڊو، لَڳو آھِ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 18 ]
تَنِي کي ڀُونڊو، لَڳو آھِ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 18 ]
English Meaning
State of "Have". Possessed, to have.