ھوتَ جي سنڌي معنيٰ
(صفت) محبوب، معشوق، دوست، عاشق، مڙس، وَرُ، ڀَتارُ. سخي. سھڻو. بھادر. (اسم خاص) بلوچ قوم جو هڪ قبيلو، آري ۽ پُنهون جي قبيلو جو نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Lover, beloved, husband. (N) Name of a Baloch tribe. Tribal name of Punhoo.
ھوتَ جا بيتن ۾ حوالا
ھوتَ ھاڙِھي جا بَلوچَ، ڙي بَلوچَ، موٽِي آءُ ڀَنڀورَ ۾،
سِڪِي جَنھِن سَڱُ ڪِئو، لِڪِي وِچان لوڪَ،
ماڻُهو ڏيِنِمِ ميھَڻا، ڪَچو چَونِمِ لوڪَ،
نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ھِتي ڇَڏِيو مَ ھوتَ.
[ سُر حسيني، وايون، 13 ]

ھاڙھو ڳاڙِھو ھوتَ، ڪيچِي ڪالَهہ لَنگهي وِئا
سِڪَ ٻاروچي نَہ لَھي مَٿي تائِين مَوتَ،
لَڳَندي لَڪَنِ ۾، پاڻان ٿِيَس پوتَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِيين، ھِتِ ھُتي جا ھوتَ،
ڏِيندِيَسِ ڏاڍين ڏُونگَري، تَوِھِين ڪارَڻِ جهوتَ.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 8 ]

ڪِھَڙي مَنجِهہ حِسابَ، ھُوئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري،
گولِي ڀَڄُ گُناھَ کان، ڪونِهي سُودُ ثَوابَ،
نَڪِي تَقاوَتَ ۾، نَڪِي مَنجِهہ رَبابَ،
خُدِيائِي خُوبُ ٿِيين، لائِيين جَي لُعابَ،
پَلِيتو ئِي پاڪُ ٿِيين، جُنُبِئو مَنجِهہ جُنابَ،
ھادِيءَ سين ھُنَ پارَ ڏَي، ريڙِيين ساڻُ رِڪابَ،
چَنبو وِجِهي چورَ جِيئَن، آئُون ڇَڙِ عُقابَ،
دِيدُ وِڃايُمِ دوسِتَ جو، ھَلِي مَنجِهہ حِجابَ،
ڪَسرَتَ آھي قُرِبَ ۾، اِدغا ۾ اِعرابَ،
سو نَہ ڪَنھِن شَيءِ ۾، جيڪِي مَنجِهہ تُرابَ،
جٖي جَهرَڪِئا جَرَ تي، اِيءَ تانْ سَڀَ حُبابَ،
فَنا وِجَهندَءِ فَمَ ۾، ڪارَڻِ ٿِيءُ ڪَبابَ،
ڏي طَھُورا تَنِ کي، جٖي سِڪَنِ لَئي شَرابَ،
مُٺِيءَ ڪِئا مَرضَ ۾، ياوَھ سَڀَ جَوابَ.
[ سُر سھڻي، وايون، 1 ]

وَھِلِي وانءُ مَ وِھامِي، رَھُ راتِ رائيِندِيَس سُپِرِين،
شَمعَ ٿيِندِيَس شَبَ ۾، اِنَ خُوشِيءَ کان کامِي،
بابُوئنِ سَندِيءَ باھِ جِيئَن، ٻَران شالَ اُجَهامِي،
پِرتِ جا پِيتَمِ جِي، ڪِينَ پَرُوڙي عامِي،
مُون کي مُون پِرِيَنِ جو، دَردُ آھِ دَوامِي،
ھيڪاندِي ٿيِندِيَس ھوتَ سين، آڌِيءَ اُڏامِي،
آھِيان يارُ سَيِّدَ جو، ڪانَہ رَھِي ڪا خامِي،
ھُو جو لَنئُن لَطِيفَ جو، مُون کي آھِ مُدامِي،
روشَنُ ٿِئا رُڃنِ ۾، جٖي ھُئا ھِنَ لَي جِي لامِي،
آيَمِ تَنھِن لوڪَ سين، جٖي سيما چَوَنِ ساھِمِي.
[ سُر کنڀات، وايون، 2 ]

اَوَلِ آخر آھِ، ھَلَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ڏي،
پورِهئو سَندو پورِھَيتين، والِي ڪِيمَ وِڃاءِ،
سو مُون ٿورَو لاءِ، جِيئَري مِلان جَتَ کي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 1 ]

ھَلَندي ھوتَ پُنهونءَ ڏَي، کُھِجَنِ ڪي کوٽِيُون،
پَھَڻُ تَنِي پَٽُ ٿِئو، جٖي لَئي لالَڻَ لوٺِيُون،
سَڀَ سھَيلِيُون سِڪَ کي، چُنجِهيُون ۽ چوٽِيُون،
ٻانڀَڻِ ٿِي ٻوٽِيُون، تَہ ڪُتا کينَئِي ڪيچَ جا.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 1 ]

وِئا اَٿَمِ ھوتَ ھَڻِي، آئُون تَنھِن جَڙَ جَڏِي ڪِي،
سامُونڊِيءَ جي سَڱَ جي، ھِنيَين حُبَ گهَڻِي،
سِڙُه ڏيئِي سِيرَ ٿِئا، ڇِنِي تَندُ تَڻِي،
لائِيندِيَيسِ لِڱَنِ کي، سَندِي پِرِينءَ پڻيِ،
وِڌائُون اُتَرَ آسِري، کُوھا ڪالَهہ کَڻِي،
اللهَ ڀَڃُ مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻِي،
وَکَرُ چاڙِھِيو ٻيڙِيين، وَڻِجارَنِ وَڻِي،
اُنِ سين عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ميڙِيندُمِ ڌَڻي.
[ سُر سامونڊي، وايون، 11 ]

حَسَنَ مِيرَ حُسينَ کي، رُنو ٽِنِ ٽولَنِ،
گهَرِ ماڻُهئين جَهنگِ مِروئين، اُڀَنِ ۾ مَلَڪَنِ،
پَکِيُنِ پاڻُ پَڇاڙِئو، لَڏِئو ھوتَ وَڃَنِ،
گهوڙَنِ ۽ گهوٽَنِ، رِڻَ ۾ لائُون لَڌِيُون.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 11 ]

ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ، ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾،
چَڙھِي ڏاڍين ڏُونگَرين، پيرُ پِريان جو پَسُ،
ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسُ، پُوندُءِ ھوتَ پُنهونءَ جو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 20 ]