ھارِئا جي سنڌي معنيٰ
هيٺ ڪيرائيا، وهائيا. اوتيا. وڃائيا، زيان ڪيا، راند ۾ شڪست کاڌا، هارائيا. (هاريا، هاريندا).
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Losen. Over came, lose, to be unsuccessful or defeated. v. n. To spill, scatter, pour out.
ھارِئا جا بيتن ۾ حوالا
اِبرَ دانائي جٖي، مُون کي ڏِنا سَڄَڻين،
ھارِئا تَنِي تي، ويڄَ وِڃاءِ مَ ڊَڀَڙا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 11 ]
ھارِئا تَنِي تي، ويڄَ وِڃاءِ مَ ڊَڀَڙا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 11 ]
جِندا ھو مَ جوڳَ ري، پائي جوڳُ مَ جِيءُ،
ھارِئا ھُنِ ڪَنَنِ سين، سُڻُ سَنِيھو اِيءُ،
وِڃائي وُجُودَ کي، پاڻان پاسي ٿِيءُ،
ھَڏِھِين ڪونِهي ھِيءُ، اسارو ”آئُون“ چُئين.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 19 ]
ھارِئا ھُنِ ڪَنَنِ سين، سُڻُ سَنِيھو اِيءُ،
وِڃائي وُجُودَ کي، پاڻان پاسي ٿِيءُ،
ھَڏِھِين ڪونِهي ھِيءُ، اسارو ”آئُون“ چُئين.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 19 ]
ھارِئا ھَنجَ ٻَگهَنِ سين، ڪِھَڙِي ٻَڌين ٻيلَ،
ميرو مَٽائي تُون، اَڇي ڪَرِ اُڪيلَ،
ڪَنگَنِ سين ڪويلَ، لَلا جِمَ لُڙُ پِيين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 6 ]