ڳَنُ جي سنڌي معنيٰ
مُٺيو، دستو، هٿو، هٿيو. ڪَرڻَ ڪنھن بہ اوزار جو هٿ ۾ جهلڻ وارو حصو، ڏاند گاڏيءَ جي اڳ واري ڊگهي ڪاٺي جنھن ۾ پاڃاري ٻڌجي، پول. (ٻيڙيءَ جو هڪ اوزار، ٻيڙيءَ هلائڻ لاءِ ڪاٺي، اولو ڍونڊيءَ ۾. هاليسو هوڙي ۾، چَپُو، ڪُڙهيءَ جي زه ۾ وجهي ڇڏ)
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Handle, holder, controller, steer
ڳَنُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪاتِيءَ ڪونهي ڏوھُ، ڳَنُ وَڍِيندَڙَ ھَٿَ ۾،
پَسِئو پَرِ عَظِيمَ جِي، لِچِئو وَڃي لوحُ،
عاشِقَنِ اَندوھُ، سَدا مَعشُوقَنِ جو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 11 ]
پَسِئو پَرِ عَظِيمَ جِي، لِچِئو وَڃي لوحُ،
عاشِقَنِ اَندوھُ، سَدا مَعشُوقَنِ جو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 11 ]
مَوتَ مُندَ نَہ آھي، تائِبَ ٿِئو تَڪِڙا،
وڌائِين وَڍَڻَ لَيءِ، ڳَنُ ڪُھاڙِيءَ پاھي،
اَجَلُ اَسارَنِ کي، ڪامَ وَٺِئو ٿو ڪاھي،
عِمارَتَ اَنڌَنِ جِي، ڊاٺائِين ٿو ڊاھي،
عَجِّلُوا بِالتَّوْبَةِ قَبْلَ الْمَوْتِ ، ويھُ تُون ويرَمَ لاھي،
پِريان ڪارَڻِ پاڻَ کي، سِگهو ويھُ سَنباھَي،
نِبا گهوٽَ گهَرَنِ ڏي، وَڏِيءَ ويرَ وَناھي،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، نِبا ڪَفَنَ پَراھي.
[ سُر آسا، وايون، 7 ]