گَسِ جي سنڌي معنيٰ
واٽ ۾ يا تي، رند، راھ، گهاڙي ۾، دڳ تي، پيچري ۾. گُذَرَ، لنگَهہ، گهَٽق، گهيرَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
On the road, paths, way.
گَسِ جا بيتن ۾ حوالا
واھُوندِئان وِڄُون ٿِيُون، گُڙِيو ڏُونھِن کَنڀاتَ،
ڪُنڍِيُون ڪاھي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ،
سَنگهارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃَ اُساٽَ،
جُهوپي ڏيئِي جهاٽَ، پُسائِيندو پَٽِيون.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 12 ]
ڪُنڍِيُون ڪاھي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ،
سَنگهارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃَ اُساٽَ،
جُهوپي ڏيئِي جهاٽَ، پُسائِيندو پَٽِيون.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 12 ]
ڪو مُنھُن ڪُٺَلِ آيو، ناھِ ويچارِي وَسِ،
ھوتَ تُنھِنجي ھَٿَ ري گولِي ٿِئي نَہ گَسِ،
ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ، مُوڙِھِيءَ ڪو مُنھُن ٿِيي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 9 ]
ھوتَ تُنھِنجي ھَٿَ ري گولِي ٿِئي نَہ گَسِ،
ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ، مُوڙِھِيءَ ڪو مُنھُن ٿِيي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 9 ]
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، گَسِ ڪَري گورا،
وَڃَنِ ويچارِي جا، جَتَ ھَڻِئو جَورا،
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ ري، ڀَڄِي ٿِي ڀورا،
ھَي ھِنيين ھورا راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 10 ]
وَڃَنِ ويچارِي جا، جَتَ ھَڻِئو جَورا،
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ ري، ڀَڄِي ٿِي ڀورا،
ھَي ھِنيين ھورا راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 10 ]
ڪيڙي ڪيچايَنِ، گورا گَسِ ھَلايا،
لَڙئو چَڙِهئو چوٽِيين، ڪَرِئو ڪوھَ ڪِرنِ،
لَتاڙي لَطِيفُ چئَي، لَنگهِئو بَرُ بوتَنِ،
تَنِ ڪِھَڙِي چُڪَ چانگَنِ، ھوتُ حِمايَتِي جَنِ جو.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 11 ]
لَڙئو چَڙِهئو چوٽِيين، ڪَرِئو ڪوھَ ڪِرنِ،
لَتاڙي لَطِيفُ چئَي، لَنگهِئو بَرُ بوتَنِ،
تَنِ ڪِھَڙِي چُڪَ چانگَنِ، ھوتُ حِمايَتِي جَنِ جو.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 11 ]
جاڳائي جَتَنِ، گورا گَسِ ھَلايا،
پَھتِي ريءَ پَھاڙَ ۾، اُٺَ مَ آڳِٽِجَنِ،
سُونھان جٖي سَردارَ سين، توڏَ مَ تَرٽِجَنِ،
لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي، لَنگِهئو بَرُ بوتَنِ،
تَنِ ڪِھَڙو غَمُ گُنگَنِ، ھوتُ حِمايَتِي جَنِ جو.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 12 ]

ھَلَڻُ سَھان نَہ ھوتَ جو، وَڃَڻُ مُون نَہ وَسِ،
اللهَ آرِيچَنِ جِي، گولِي ميڙِيين گَسِ،
پِرِين پَنوَھارَ پُڇان تو، ڏُونگِريا مُون ڏَسِ،
اَکِيُنِ جي آرَسِ، مُنڌَ جيھِيائِي جوڙَ ڪِي.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 4 ]
اللهَ آرِيچَنِ جِي، گولِي ميڙِيين گَسِ،
پِرِين پَنوَھارَ پُڇان تو، ڏُونگِريا مُون ڏَسِ،
اَکِيُنِ جي آرَسِ، مُنڌَ جيھِيائِي جوڙَ ڪِي.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 4 ]
جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، ٿِيءُ گُروءَ جي گَسِ،
ڏُکُ پاڻَ کي ڏَسِ، ھِنگلاجَ جي ھَلَڻَ جو.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 11 ]
ڏُکُ پاڻَ کي ڏَسِ، ھِنگلاجَ جي ھَلَڻَ جو.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 11 ]
پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ جا، جانۡ ٿو وَڃين وَسَ،
ساري ڏيجِ سَرَتِيين، سَلامَنِ سَھسَ،
آئُون اَوهان جِي آھِيان، گولِي مَٿي گَسِ،
ويٺِي ڪَرِيان وَسَ، ايڏي جَي اَچَڻَ جا.
[ سُر مارئي، مَ رو، پانڌي پرين پنھوار، 5 ]
ساري ڏيجِ سَرَتِيين، سَلامَنِ سَھسَ،
آئُون اَوهان جِي آھِيان، گولِي مَٿي گَسِ،
ويٺِي ڪَرِيان وَسَ، ايڏي جَي اَچَڻَ جا.
[ سُر مارئي، مَ رو، پانڌي پرين پنھوار، 5 ]
English Meaning
On the road, paths, way.