گهارِيان جي سنڌي معنيٰ
گذاريان، رھان، گذارو ڪيان، نڀايان
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Dwell, live
گهارِيان جا بيتن ۾ حوالا
ھَڻي جَي حَبِيبُ، مُحبَتِي مَيا ڪَري،
پُڇان ڪِينَ طَبِيبُ، ھُوندَ گهاوَنِ سين ئِي گهارِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 10 ]
پُڇان ڪِينَ طَبِيبُ، ھُوندَ گهاوَنِ سين ئِي گهارِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 10 ]
چَونِمِ جَي ھيڪارَ، مَ وانءُ موٽِي سُهڻِي،
دُونھِينءَ پاسي دوسِتَ جي، گهارِيان سَڀَ ڄَمارَ،
ٻانڌِيَڙا ٻِيھارَ، ھُوندَ نَہ لِڱِين لائِيان.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 27 ]
دُونھِينءَ پاسي دوسِتَ جي، گهارِيان سَڀَ ڄَمارَ،
ٻانڌِيَڙا ٻِيھارَ، ھُوندَ نَہ لِڱِين لائِيان.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 27 ]
آلوڙو اَکِيُنِ، آيَمِ نِنڊَ اَڀاڳُ کي،
ھاڻي ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهارِيان ڪارَڻِ ڪَنِ،
اَدِيُون اوٺِيَڙِنِ، مُون ھِنيَين سين ھاڃو ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 9 ]
ھاڻي ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهارِيان ڪارَڻِ ڪَنِ،
اَدِيُون اوٺِيَڙِنِ، مُون ھِنيَين سين ھاڃو ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 9 ]
ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهايَلِ ٿِي گهارِيان،
سَڄَڻَ جي سانگِ وِئا، سيئِي ٿِي سارِيان،
سي ڪِيئَن وِسارِئان، جي وَٽان مُون واٽَ ٿِئا.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 12 ]
سَڄَڻَ جي سانگِ وِئا، سيئِي ٿِي سارِيان،
سي ڪِيئَن وِسارِئان، جي وَٽان مُون واٽَ ٿِئا.
[ سُر حسيني، بُرو ھو ڀنڀور، 12 ]
اَلا جُنگَ جِيَنِ، اَجهي جَنِي گهارِيان،
شالَ مَ سُڪي وِيَرِي، جِئائِين پِيَ پِيَنِ،
مَرَڪَڻُ اَکَڙِيُنِ، جَنِ ڏِٺِي مُون ٿِئي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 16 ]
شالَ مَ سُڪي وِيَرِي، جِئائِين پِيَ پِيَنِ،
مَرَڪَڻُ اَکَڙِيُنِ، جَنِ ڏِٺِي مُون ٿِئي.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 16 ]
توڻي تُون ھَميشه، ڪانڌَ نَہ مُون کي ڪوٺِيين،
تَہ دوسَ تُنھِنجو داسَڙا، وَرَ نَہ لاھِيان ويسُ،
گهورِئو ھِيءُ پَرَديسُ، پاڙي پيئِي گهارِيان.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 24 ]
تَہ دوسَ تُنھِنجو داسَڙا، وَرَ نَہ لاھِيان ويسُ،
گهورِئو ھِيءُ پَرَديسُ، پاڙي پيئِي گهارِيان.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 24 ]
ڪُونجَڙِيءَ ڪالَهہ لَنئِي، سَڄَڻَ وِڌا چِتِ،
آئُون ھيڪَلِي ھِتِ، گَهنگهَرِ گهارِيان ڏِينھَڙا.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 14 ]
آئُون ھيڪَلِي ھِتِ، گَهنگهَرِ گهارِيان ڏِينھَڙا.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 14 ]
جِيَنِ سي سَنگهارَ، اَجهي جَنِ جي گهارِيان،
مانَ لَھَنِئُون سارَ، وِچِ وِلِهي ڏِينھَڙين.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 6 ]
مانَ لَھَنِئُون سارَ، وِچِ وِلِهي ڏِينھَڙين.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 6 ]
قَيدُ الماءِ ٿِئومِ، ھِتِ اَڙانگهي گهارِيان،
ھُنَاڪَ جِسمِی والفؤاد لَدَيڪُم ، ھِنيُون ھُتِ سَندومِ،
قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ميڙائو سين مارُئين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 10 ]
ھُنَاڪَ جِسمِی والفؤاد لَدَيڪُم ، ھِنيُون ھُتِ سَندومِ،
قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ميڙائو سين مارُئين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 10 ]
جِيئَن ڳَنڊِيُون مَنجِهہ ڳَنڍيرَ، تِيئَن مُون مَنُ مارُوءَ سين،
سي مارُوئَڙا ٿَرِ ٿِئا، جي ڳُڻَنِ جا ڳَھِيرَ،
تَنِي ري حَمِيرَ، گهنگهَرِ گهارِيان ڏِينھَڙا.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 25 ]
سي مارُوئَڙا ٿَرِ ٿِئا، جي ڳُڻَنِ جا ڳَھِيرَ،
تَنِي ري حَمِيرَ، گهنگهَرِ گهارِيان ڏِينھَڙا.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 25 ]
English Meaning
Dwell, live