ڪُونجَ جي سنڌي معنيٰ
جبل ۾ رهندڙ ڊگهي ڳِچيءَ سان سهڻو پکي، ڪُنجِي، قازُ، ڪُلَنگ، راجُ هَنسُ، حوامَلُ قد ۾ ٽي، چار فوٽ، رنگ خاڪي، ٺھرايل موسم ۾ اصلوڪي وطن مان اُڏامي ٻي پاسي وڃن، سياري جي موسم ۾ وَلَرن جا وَلَر سنڌ ۾ اچن ۽ مارچ مهيني ۾ لاڏاڻو ڪن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A bird named Common crane. Grus grus, Eurasian crane. A bird of the family Gruidae, the cranes.
ڪُونجَ جا بيتن ۾ حوالا
گهَڻو گهُرِجَنِ ماءِ، اَڄُ گهُرجَنِ ماءِ،
سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن،
اُوچِيءَ ماڙِيءَ ڏِيو ٻَري، ٻاھَرِ ڦُڙِيءَ ٺَڪاءُ،
آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ کي، لوڪان لِڪِي رانِئن،
ڪُونجَ ڪُڻِڪي مورُ جُڻڪي، پَپيھَلَ پِيَ پِيَ ڳاءِ،
سَڄَڻُ آيو مان ڳَري، جِيئَڻُ مُون جُڳاءِ،
ڪيرَ موھِيندي وَلَهو، ڏيئِي ٻانھَن ڳَرا،
ٽِمَنِ نيڻَ رَتُ وَھي، سَوِزَ ھَٿَ سَنداءِ،
اُڀِي اَلِيمِ ايتِرو، ھِتِ ٻَہ شاھِدَ گُذِرِئا.
[ سُر سارنگ، وايون، 3 ]

رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ ڪَرَڪي ڪُونجَ،
نَعرو مَنجِهہ نِڪُونجَ، اِيءَ تان آھَ عِشقَ جِي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 15 ]
نَعرو مَنجِهہ نِڪُونجَ، اِيءَ تان آھَ عِشقَ جِي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 15 ]
چُڻي نَہ ٻِئَنِ گَڏُ، وَڏي وَڳَرَ ھيرُئِين،
ڪُونجَ ڪَرِيندي سَڏُ، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 8 ]
ڪُونجَ ڪَرِيندي سَڏُ، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 8 ]
اُتَرَ ڏُونھِن آلاپَ، ڪالُهون ڪَرَ ڪُونجَ ڪَري،
پِرِين پَسي ۾ خُوابَ، وِھاڻِيءَ وايُون ڪَري.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 15 ]
پِرِين پَسي ۾ خُوابَ، وِھاڻِيءَ وايُون ڪَري.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 15 ]
ڪُونجَ نَہ لَکِيُئِي ٻاڻَ،جو مارِيءَ سَندي مَنَ ۾،
اوچِتي پَرياڻَ، وَڳَرَ ھَڻِي ويڇُون ڪِئا.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 21 ]
اوچِتي پَرياڻَ، وَڳَرَ ھَڻِي ويڇُون ڪِئا.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 21 ]
ڪُونجَ نَہ پَسِين ڪَکَ، ڍَٻُ جَنِي سين ڍَڪِئو،
ماريءَ ماري لَکَ، وَڳَرَ سَڀَ ويڇُون ڪِئا.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 20 ]
ماريءَ ماري لَکَ، وَڳَرَ سَڀَ ويڇُون ڪِئا.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 20 ]
English Meaning
A bird named Common crane. Grus grus, Eurasian crane. A bird of the family Gruidae, the cranes.