ڪَنڌَ جي سنڌي معنيٰ
ڳچيءَ جا پٺيان پاسا، ڳاٽا، گردنون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Necksn napes.
ڪَنڌَ جا بيتن ۾ حوالا
وَٽَ وَٽَ وَٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَندُ ٻِئو،
قَدُرُ ڪيفَ ڪَمالَ جو، پِياڪَنِ پِئو،
اَچَنِ دُرُستُ دُڪانَ تي، ڪَنڌَ قَبُولُ ڪِئو،
سُرَھا سِرَ ڏِئو، چَکَنِ سُرڪَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 21 ]
قَدُرُ ڪيفَ ڪَمالَ جو، پِياڪَنِ پِئو،
اَچَنِ دُرُستُ دُڪانَ تي، ڪَنڌَ قَبُولُ ڪِئو،
سُرَھا سِرَ ڏِئو، چَکَنِ سُرڪَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 21 ]
ڪُلاھَ رَکِي ڪَنڌَ تي، صُوفِي سالِمُ ٿِيءُ،
وِھُ وَٽِي ھَٿِ ڪَري، پُرِ پِيالو پِيءُ،
ھَنڌُ تَنِ جو ھِيءُ، جَنِ حاصِلُ ڪِئو حالَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 7 ]
وِھُ وَٽِي ھَٿِ ڪَري، پُرِ پِيالو پِيءُ،
ھَنڌُ تَنِ جو ھِيءُ، جَنِ حاصِلُ ڪِئو حالَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 7 ]
مِيرَ مَدِينِئان نِڪرِي، رِڙِھِئا مَٿي رَندَ،
گهوڙا تَنِ گهوٽَنِ جا، پُرِئا مَٿي پَنڌَ،
جِتِ رَھَندا راتِڙِي، سي سُونھارا ھَنڌَ،
ڪُلَها ڪَرنگَهرَ ڪَنڌَ، جُهرَنِ جُهونجارَنِ جا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 7 ]
گهوڙا تَنِ گهوٽَنِ جا، پُرِئا مَٿي پَنڌَ،
جِتِ رَھَندا راتِڙِي، سي سُونھارا ھَنڌَ،
ڪُلَها ڪَرنگَهرَ ڪَنڌَ، جُهرَنِ جُهونجارَنِ جا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 7 ]
ڪا جَا تَندُ ڪُماچَ جِي، سُتي سُئائِين،
موٽِي مَڱڻَھارَ کي، پَرِ ۾، پُڇِيائين،
ڪِي تُون مَڱِڻو مالَ جو، ڪِي سِرِي گهُرين سائِين،
ڪَنڌَ ڏي ڪِئائِين، اِشارو آڱُرِ سين.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 17 ]
موٽِي مَڱڻَھارَ کي، پَرِ ۾، پُڇِيائين،
ڪِي تُون مَڱِڻو مالَ جو، ڪِي سِرِي گهُرين سائِين،
ڪَنڌَ ڏي ڪِئائِين، اِشارو آڱُرِ سين.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 17 ]
ڪيھَرِ ڇوٽو ڪَنَ ڪُرا، ڪَنڌَ ڪَريبو ڪوھُ،
ڪُرُ ري ڪَرَھِ نَہ ٿِئي، ڀِتِ ريءَ چِٽُ نَہ ھوءِ.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 14 ]
ڪُرُ ري ڪَرَھِ نَہ ٿِئي، ڀِتِ ريءَ چِٽُ نَہ ھوءِ.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 14 ]
پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ جَهلَ،
ڪَندا ڪَنڌَ اُڇَلَ، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 10 ]
ڪَندا ڪَنڌَ اُڇَلَ، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 10 ]
English Meaning
Necksn napes.
ڪَنڌَ ٻول جا زمرا