ڪونَہ جي سنڌي معنيٰ
ڪجهہ نہ، بلڪل نہ، ڪو بہ نہ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Nothing, none, never.
ڪونَہ جا بيتن ۾ حوالا
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، جَڏھِن چَيو جَنِ،
تَنِ مَڃِئو مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، ھيجا ساڻُ ھِنيَنِ،
تَڏِھِين مَنجهان تَنِ، اَوَتَڙِ ڪونَہ اولئِو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 3 ]
تَنِ مَڃِئو مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، ھيجا ساڻُ ھِنيَنِ،
تَڏِھِين مَنجهان تَنِ، اَوَتَڙِ ڪونَہ اولئِو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 3 ]
ويڄَ وِڃاءِ مَ ڊَڀَڙا، ڪَندا ڪونَہ فَرَقُ،
مُون کي ٿِئا مَرَڪُ، سُپيرِيان جا ڌَڪَڙا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 12 ]
مُون کي ٿِئا مَرَڪُ، سُپيرِيان جا ڌَڪَڙا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 12 ]
کاڻا کُوري وِچَ ۾، وِئا پَتَنگَ سَڀَ پَچِي،
اُنِهين وَٽِ آتِش جي، سَڀَڪا سُڌِ سَچِي،
موٽِئو ڪونَہ بَچِي، کامِي مِڙيئِي خاڪِ ٿِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 7 ]
اُنِهين وَٽِ آتِش جي، سَڀَڪا سُڌِ سَچِي،
موٽِئو ڪونَہ بَچِي، کامِي مِڙيئِي خاڪِ ٿِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 7 ]
مَتارا مَرِي وِئا، موکِي پَئِي مَرُ،
تُنھِنجو ڏُکُ ڏَمَرُ، ڪونَہ سَھَندو اُنِ ري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 12 ]
تُنھِنجو ڏُکُ ڏَمَرُ، ڪونَہ سَھَندو اُنِ ري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 12 ]
صُوفِي لاڪُوفِي، ڪونَہ ڀائيسِ ڪيرُ،
مَنجهان ئِي مَنجِهہ وِڙھي، پَڌَرِ ناھيسِ پيرُ،
جَنِي ساڻسِ ويرُ، ٿِئي تَنِي جو واھَرُو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 2 ]
مَنجهان ئِي مَنجِهہ وِڙھي، پَڌَرِ ناھيسِ پيرُ،
جَنِي ساڻسِ ويرُ، ٿِئي تَنِي جو واھَرُو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 2 ]
تانگهي ۾ تاڻي، ٻَڌُ پَنھِنجو تُرَھو،
اُونِهي ۾ آڻي، ڪونَہ ڏيِندُءِ ڪو ٻِئو.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 1 ]
اُونِهي ۾ آڻي، ڪونَہ ڏيِندُءِ ڪو ٻِئو.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 1 ]
جَو تُون آھيين توکي مَڱان، آئُون ٻِئو دَرُ ڪونَہ سُڃاڻان،
اِلاھِي عِنايَتَ سين، نَوازِيين نَماڻا،
اَنڌا ڪَرِيين اَڳَ ۾، ڪوٺائِيين ڪاڻا،
اُونڌَنِ عاجِزَنِ کي، پَرووڙائِيين پاڻا،
ڪوٺِيين سي قُرِبَ سين، جي تُون دَرِ وِڪاڻا.
[ سُر سھڻي، وايون، 4 ]
اِلاھِي عِنايَتَ سين، نَوازِيين نَماڻا،
اَنڌا ڪَرِيين اَڳَ ۾، ڪوٺائِيين ڪاڻا،
اُونڌَنِ عاجِزَنِ کي، پَرووڙائِيين پاڻا،
ڪوٺِيين سي قُرِبَ سين، جي تُون دَرِ وِڪاڻا.
[ سُر سھڻي، وايون، 4 ]
ڍالَ ڍَڙَڪو ڦاڳَ ڦَڙَڪو ڪُندَ ڪَڙَڪو، مانجِهيان اِي مَرَڪُ،
وِجَهنِ ڪونَہ فَرَقُ، رُڪَ وَھَندِيءَ راندِ ۾.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 11 ]
وِجَهنِ ڪونَہ فَرَقُ، رُڪَ وَھَندِيءَ راندِ ۾.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 11 ]
ويٺِنِ ڪونَہ وَراڪو، سُتِيَنِ ڪونِهي سَڱُ،
ھوتُ ھَلَندِنِ کَٽِئو، اَنگهُنِ چاڙِھي اَنگُ،
باسي ڀَئِي ڀَنگُ، رِڙِھِي ڄامَ رَسِيُون.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 14 ]
ھوتُ ھَلَندِنِ کَٽِئو، اَنگهُنِ چاڙِھي اَنگُ،
باسي ڀَئِي ڀَنگُ، رِڙِھِي ڄامَ رَسِيُون.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 14 ]
ڪاڪُلَ ڪُٺِي جَا، ڪَفَنُ تَنھِن ڪونَہ ٿِئو،
سا دُرُستُ ٿِي دَفَنَ ري، تَنھِن تي ٻِي نَہ ڪا،
مَنجِهہ شَھادَتَ سا، لُڏي ۽ لاڏَ ڪَري.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 2 ]
سا دُرُستُ ٿِي دَفَنَ ري، تَنھِن تي ٻِي نَہ ڪا،
مَنجِهہ شَھادَتَ سا، لُڏي ۽ لاڏَ ڪَري.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 2 ]
English Meaning
Nothing, none, never.