ڪوءِ جي سنڌي معنيٰ
ڪوئِي، ڪير بہ، ڪوبہ، مڙيئي ڪيرُ، ڪونہ ڪو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Any, else.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
ڪوءِ جا بيتن ۾ حوالا
جِتي مارُو تِتي پانڌِي اَلو! عُمَرَ او اِيندو،
پُڇان ڪوءِ عُمَرَ مِيان ويندو پُڇان لوءِ،
پَنڌان کارِئو پَھِيڙا، ڪِي جو اُڀَڙِي چوءِ،
مَٿي ماڙِيءَ مارُئِي، رُئاڙي ۽ روءِ،
راڄُ پَرَتو رَبَ کي، سُومَرا سَندوءِ،
مِلڪَ مارُوءَ جِي آھِيان، جورِ نَہ ٿِيان جوءِ،
سَھڄُ سُورِي ڀانيان، سُومَرا سَندوءِ،
ڪَڏِھِين سَئِيسُون ڪانَہ ڪا، زَنجِيرَنِ ۾ جوءِ،
پانڌِي پَنوَھارَنِ جو، ڪالَهہ نَہ آيو ڪوءِ،
سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، رُوحُ مُنھِنجو روءِ،
وَطَنُ جَنِ وِسارِئو، حَيفُ تَنِي کي ھوءِ.
[ سُر مارئي، وايون، 8 ]

چَڱَنِ ساڻُ چَڱايُون، اِيئَن سَڀَڪو ھوءِ،
تو جِيئَن ڪَري نَہ ڪوءِ، بُڇَنِ ساڻُ ڀَلايُون.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 3 ]
تو جِيئَن ڪَري نَہ ڪوءِ، بُڇَنِ ساڻُ ڀَلايُون.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 3 ]
اَڄُ پُڻ ويٺو روءِ، ڏُکِي ڏُونگَرَ پاڻَ ۾،
ڪوھِيارِي جو ڪوءِ، سُورُ اُڌَمِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 21 ]
ڪوھِيارِي جو ڪوءِ، سُورُ اُڌَمِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 21 ]
نَنڍو تان ڪوھُ، پَرَ وِکُنِ آھي وِتَرو،
وَڃِي ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، پَھسَ پَکِيءَ جِيئَن پوءِ،
اِنَ ڪُرَ سَندو ڪوءِ، مَيو ماٺو نَہ ٿِيي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 24 ]
وَڃِي ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، پَھسَ پَکِيءَ جِيئَن پوءِ،
اِنَ ڪُرَ سَندو ڪوءِ، مَيو ماٺو نَہ ٿِيي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 24 ]
ھَٿان جادَمَ جَکِري، وَٽِيءَ وِچُ نَہ پوءِ،
پِي پِي سو پُرِ ٿِئي، جو حاتِمَ پاسي ھوءِ،
ڪيفَ ڌاران ڪوءِ، شَلَ جِيئي ڪو مَ جَھانَ ۾.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 16 ]
پِي پِي سو پُرِ ٿِئي، جو حاتِمَ پاسي ھوءِ،
ڪيفَ ڌاران ڪوءِ، شَلَ جِيئي ڪو مَ جَھانَ ۾.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 16 ]
جَي تُون اوڏَ طَلَبِيين، تِئان ھِتِ نَہ ڪوءِ،
وِئا لاکي لوءِ، سَنجهي ٽَنگي ٽَنگِڙا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 30 ]
وِئا لاکي لوءِ، سَنجهي ٽَنگي ٽَنگِڙا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 30 ]
پِرِيَنِئُون پوءِ، موٽِي موٽِي نَہ وِھاءِ راتِ،
راھَ رَمَندَڙِي روءِ،
ڦوڙائو فَقِيرِ کي، قادِرَ ڪوھُ ڏِنوءِ،
چَڙِهئا ڏاڍين ڏُونگَرين، سيڻَنِ سانگُ نَہ ڪوءِ،
اَچي اوراھُون ٿِئي، سَيِّدَ سانگُ سَندوءِ.
[ سُر آسا، وايون، 1 ]
راھَ رَمَندَڙِي روءِ،
ڦوڙائو فَقِيرِ کي، قادِرَ ڪوھُ ڏِنوءِ،
چَڙِهئا ڏاڍين ڏُونگَرين، سيڻَنِ سانگُ نَہ ڪوءِ،
اَچي اوراھُون ٿِئي، سَيِّدَ سانگُ سَندوءِ.
[ سُر آسا، وايون، 1 ]
وِئا اوھَرِي اُوءِ، مُون کي ڇَڏي ماڳھِين،
جُڳَنِ جا جُڳَ ٿِئا، تِئان نَہ موٽِئو ڪوءِ،
گُوندَرُ مارِيندو، ويچارِي وِئَنِ جو.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 11 ]
جُڳَنِ جا جُڳَ ٿِئا، تِئان نَہ موٽِئو ڪوءِ،
گُوندَرُ مارِيندو، ويچارِي وِئَنِ جو.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 11 ]
English Meaning
Any, else.