کِڙِئو جي سنڌي معنيٰ
ٽڙيو، کُليو، نڪتو، اُڀرئو، ڦٽو، چمڪيو، ٻھڪيو، جرڪيو. (تارن وانگر، چنڊ کڙڻ، روشنائي ڪرڻ. پير ساهڻ، پسار ڪرڻ.)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To blossom or blow as a flower, to shine as the moon or stars.
کِڙِئو جا بيتن ۾ حوالا
اُٿِي اَڙائِينسِ، ڇڏِئو تان ڇيڪَ ٿِئي،
کَهارَيان کِڙِئو وَڃي، پَلاڻِي پائِينسِ،
ڏاوَڻِ تَنھِن ڏانِئينسِ، جِيئَن چَري ۽ چِنگهي ڀُڻُو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 26 ]

اُٺَ ويرِي اوٺارَ ويرِي، ٽِئا ويرِي ڏيرَ
چوٿُون ويرِي واءُ ٿِئو، جَنھِن لَٽِئا پُنُوھَ پيرَ،
پَنجُون ويرِي سِڄُ ٿِئو، جَنھِن اُلَھِي ڪَئِي اَويرَ،
ڇَھُون ويرِي چَنڊُ ٿِئو، جَو کِڙِئو نَہ وَڏِيءَ ويرَ،
سَتُون ويرِي ڇَپَرُ ٿِئو، جَنھِن سَنوان ڪِئا نَہ سيرَ،
واھيري جِي ويرَ، ٿِي ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 7 ]