کَرَ جي سنڌي معنيٰ
بدخواھ، رقيب، سڙندڙ، مَدا، ويري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Rivals, foes, enemies, bad wishers.
کَرَ جا بيتن ۾ حوالا
ھِي ٻَہ ڳالِهڙِيُون، آئُون اورِيندِي پِرِينءَ سين،
گوشي پِرِين نَہ گَڏِئا، کَرَ سين مُون نَہ ڪِيُون،
ڳالِهيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، وَڌِي وَڻَ ٿِيُون.
[ سُر کنڀات، وايون، 1 ]
گوشي پِرِين نَہ گَڏِئا، کَرَ سين مُون نَہ ڪِيُون،
ڳالِهيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، وَڌِي وَڻَ ٿِيُون.
[ سُر کنڀات، وايون، 1 ]
موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، جُڙِي ڪِئائِين جوڙَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٻَھَ ٻَھَ ڀِرَنِ ڀَؤُنرَ،
اَنَنِ جا عالَمَ ۾، کَرَ لَڳي ٿِئا کوڙَ،
سارَنگَ لاٿِي، سوڙَھ، سَڀُ ڏيھُ سَھائو ٿِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 4 ]
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٻَھَ ٻَھَ ڀِرَنِ ڀَؤُنرَ،
اَنَنِ جا عالَمَ ۾، کَرَ لَڳي ٿِئا کوڙَ،
سارَنگَ لاٿِي، سوڙَھ، سَڀُ ڏيھُ سَھائو ٿِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 4 ]
مَينڌَرا مُون کي، راڻا جِمَ وِساري ڇَڏِيين،
مُون کي طَعنا تُنھِنجا، ڏيھُ مِڙيوئِي ڏي،
راڻِي تي رِيسَ ڪِي، کَرَ سين کِلِئُمِ جَي.
[ سُر راڻو، وايون، 6 ]
مُون کي طَعنا تُنھِنجا، ڏيھُ مِڙيوئِي ڏي،
راڻِي تي رِيسَ ڪِي، کَرَ سين کِلِئُمِ جَي.
[ سُر راڻو، وايون، 6 ]
ڪانگَ تُنھِنجِيءَ ڇانگَ، جَڏو جِيءُ جِيارِئو،
مَٿان لامَ لَتَ ڏِئو، ٻولِيين سِرِ ٻيلانگَ،
اُڏءُ مَٿان ڦانگَ، کَرَ جاوَنِ آوَنِ پِرِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 26 ]
مَٿان لامَ لَتَ ڏِئو، ٻولِيين سِرِ ٻيلانگَ،
اُڏءُ مَٿان ڦانگَ، کَرَ جاوَنِ آوَنِ پِرِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 26 ]
وَرَ سين وِجِهئو ڪاڻِ، کَرَ سين کِلِئو اُٿِيين،
ڀورِي مُنڌَ اَڄاڻِ، ڪَڻَ ڇڏِئو تُھَ ميڙِيين.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 14 ]
ڀورِي مُنڌَ اَڄاڻِ، ڪَڻَ ڇڏِئو تُھَ ميڙِيين.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 14 ]
مُون کي اَکَڙِيُنِ، وَڏا ٿورا لائِيا،
کَڻان جَي کَرَ سامُهُون، تَہ پُڻ پِرِين پَسَنِ.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 27 ]
کَڻان جَي کَرَ سامُهُون، تَہ پُڻ پِرِين پَسَنِ.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 27 ]
کَرَ جَا کَڏَ کَنئِي، پَوَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي،
تَنھِن ۾ پاڻَ پَئِي، غِيبَتِي غارُ ٿِئو.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 4 ]
تَنھِن ۾ پاڻَ پَئِي، غِيبَتِي غارُ ٿِئو.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 4 ]
اللهَ کَرَ جِيَنِ، مَدِي جَنِ جِي مَنَ ۾،
اَسان ۽ پِرِيَنِ جُون، اُمِيدُون پَسَنِ،
تِھان پوءِ مَرَنِ، سَڙِي اِنهين سُورَ ۾.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 5 ]
اَسان ۽ پِرِيَنِ جُون، اُمِيدُون پَسَنِ،
تِھان پوءِ مَرَنِ، سَڙِي اِنهين سُورَ ۾.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 5 ]
کَرَ کي کَپُرُ کاءِ، نانگُ مَڻِيارو نِڪِري،
اُڀِي جَو اوناءِ، سُڻ ڀُڻ سَندِي سَڄَڻين.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 8 ]
اُڀِي جَو اوناءِ، سُڻ ڀُڻ سَندِي سَڄَڻين.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 8 ]
کَرَ ٿو کَرايُون ڪَرِيين، ھَرَ ھَرَ ھَچارا،
پُورِيَئِي ڳَلِيُون پِرِيَنِ جُون، چَوڌارِي چارا،
مَرين مُنھَن ڪارا، سَڙِي اُنِهين سُورَ ۾.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 9 ]
پُورِيَئِي ڳَلِيُون پِرِيَنِ جُون، چَوڌارِي چارا،
مَرين مُنھَن ڪارا، سَڙِي اُنِهين سُورَ ۾.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 9 ]
English Meaning
Rivals, foes, enemies, bad wishers.