ڏِنِي جي سنڌي معنيٰ
ڏنائِين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Given.
ڏِنِي جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنزَ قُدُورِي ڪافِيا، پَنا پَڙِهيَمِ پوڄَ،
جَڏھِن مَھِراڻَ ڏِنِي مَوجَ، حَرَفُ نَہ گَڏِئو حَرَفَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 24 ]
جَڏھِن مَھِراڻَ ڏِنِي مَوجَ، حَرَفُ نَہ گَڏِئو حَرَفَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 24 ]
پِتو ڦِتو پيٽَ ۾، مُلي سَندِيءَ ماءُ،
ڏِسِي جَنھِن اللهُ، ٽُٻِي ڏِنِي ڌُوڙِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 35 ]
ڏِسِي جَنھِن اللهُ، ٽُٻِي ڏِنِي ڌُوڙِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 35 ]
ڪا جَا ڳالِهہ ھُئِي، ٻاروچي جي مَنَ ۾،
سِرُ سَنگهَرِ پُرِ پَٽِيين، تُون جا لوڪَ سُئِي،
سَسُئِي سَنگهَرَ پَٽِيين، ڪيرُ چُوندو مُئِي،
پَنڌُ ڪَرِيندي پِرِينءَ ڏي، ڪَڏِھِين ڪا نَہ کُھِي،
آن ڪا ڏِنِي اوٺِيا کيرِنِ پاسِ کُھِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 18 ]

ڪو جَو وَڍِيءَ وَڍُ، جِيئَن وِڙَ وَڍِيائِين وَڍَ سين،
ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَڍُ، جَنِ ڏِنِي سي ڏُکِئا ٿِئا.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 17 ]
ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَڍُ، جَنِ ڏِنِي سي ڏُکِئا ٿِئا.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 17 ]
وِئا سُڃَ سَنجهي ڪَري، ڀينَرُ راتِ ڀِنِي،
سُڌِ لَڏِيندي ساٿَ جِي، ڏيرَنِ ڪانَہ ڏِنِي،
وِئَڙا سَڱُ ڇِنِي، ڏُکِي ڏولي ڏُونگَرين.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 3 ]
سُڌِ لَڏِيندي ساٿَ جِي، ڏيرَنِ ڪانَہ ڏِنِي،
وِئَڙا سَڱُ ڇِنِي، ڏُکِي ڏولي ڏُونگَرين.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 3 ]
ٻيلِياڻِي ٻَروچَ، ڏِنِي سِڪَ سَسُئِيءَ کي،
لوڪَ وِچان ئِي لوچَ، پَهچائي پُنهونءَ کي.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 6 ]
لوڪَ وِچان ئِي لوچَ، پَهچائي پُنهونءَ کي.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 6 ]
پُنهونءَ جي پاٻوھَ، آن جي ڏِنِي جيڏِيُون،
سَنجهي ۽ صُبوحَ، ھُوندَ نَہ وِيانؤَ وِسَرِي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 21 ]
سَنجهي ۽ صُبوحَ، ھُوندَ نَہ وِيانؤَ وِسَرِي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 21 ]
اَڄُ پُڻ جُڙِئَمِ جوڙَ، جِيئَن دوسِتُ پيھِي دَرِ آيو،
سُکَنِ وَٺِي ڏُکَنِ کي، مَحڪُمُ ڏِنِي موڙَ،
جا پَرِ کوٽَنَ کوڙَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 30 ]
سُکَنِ وَٺِي ڏُکَنِ کي، مَحڪُمُ ڏِنِي موڙَ،
جا پَرِ کوٽَنَ کوڙَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 30 ]
ڌارَ نَہ يَڪدِلِ يارُ ٿِيي، مَتِ ڏِنِي مِه مَنَ،
ڪِ ٿِئوءِ تَسَلو تَنَ، پَروڌوءِ پَراوَنِ مان.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 3 ]
ڪِ ٿِئوءِ تَسَلو تَنَ، پَروڌوءِ پَراوَنِ مان.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 3 ]
گُرَ جَا ڏِنِي گودَڙِي، سا مُون گهَڻو سُونھاءِ،
نيئِي پَھچائي ماءِ، اوڍيين جي اَدَبَ سين.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 27 ]
نيئِي پَھچائي ماءِ، اوڍيين جي اَدَبَ سين.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 27 ]
English Meaning
Given.