ڏُکويُنِ جي سنڌي معنيٰ
ڏک، درد، پيڙا جي ستايل عورتن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Women who are affected with pain.
ڏُکويُنِ جا بيتن ۾ حوالا
ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ کي، تَپِي ڪَندين ڪوھُ،
تُون جي پَھَڻَ پَٻَ جا، لِڱَ مُنھِنجا لوھُ،
ڪَنھِن جو ڪونِهي ڏوھُ، اَمُرَ مُون سين اِيئَن ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 7 ]
تُون جي پَھَڻَ پَٻَ جا، لِڱَ مُنھِنجا لوھُ،
ڪَنھِن جو ڪونِهي ڏوھُ، اَمُرَ مُون سين اِيئَن ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 7 ]
ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ کي، دِلِاسا ڏِجَنِ،
گهَڻو پُڇِجي تَنِ کي، جَنِ وَٽان ھوتَ وَڃَنِ،
تُون ڪِيئَن سَندا تَنِ، پَھَڻَ پيرَ ڏُکوئِيين.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 11 ]
گهَڻو پُڇِجي تَنِ کي، جَنِ وَٽان ھوتَ وَڃَنِ،
تُون ڪِيئَن سَندا تَنِ، پَھَڻَ پيرَ ڏُکوئِيين.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 11 ]
ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ جو، توکي ناھِ تَرَسُ،
پَھَڻَ پَرَڏيهِنِ سين، ڪو اَڳي ھوءِ عَڪَسُ،
پيرَ مُئِيءَ جا پَسُ، جي چِنجُهنِ چِيهاڙِيُون ڪِئا.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 12 ]
پَھَڻَ پَرَڏيهِنِ سين، ڪو اَڳي ھوءِ عَڪَسُ،
پيرَ مُئِيءَ جا پَسُ، جي چِنجُهنِ چِيهاڙِيُون ڪِئا.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 12 ]
ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ جي، ڳَلِ سُڪا ڳوڙھا،
ھُو جَي پَھَڻَ پَٻَ جا، ڀَڄِي ٿِئا ڀورا،
گُوندَرَ جا گهوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 13 ]
ھُو جَي پَھَڻَ پَٻَ جا، ڀَڄِي ٿِئا ڀورا،
گُوندَرَ جا گهوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 13 ]
ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، اَندَرَ ناھِ اُساٽَ،
لوھُوڪا لَڪَنِ ۾، ويرِي مَٿي واٽَ،
ڇَپَرَ ۾ ڇُونڇاٽَ، ڏِٺَمِ ڏُکويُنِ جا.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 2 ]
لوھُوڪا لَڪَنِ ۾، ويرِي مَٿي واٽَ،
ڇَپَرَ ۾ ڇُونڇاٽَ، ڏِٺَمِ ڏُکويُنِ جا.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 2 ]
ڏُکويُنِ اُھڃاڻُ، ڪُلِهين ڦاٽو ڪَنجِرو،
وَڃَنِ گُوندَرَ گَڏِيُون، لوڪَ نَہ آڇينِ پاڻُ،
سُورَنِ تَنِي ساڻُ، نَنڍاڪُون نِينھُن ڪِئو.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 27 ]
وَڃَنِ گُوندَرَ گَڏِيُون، لوڪَ نَہ آڇينِ پاڻُ،
سُورَنِ تَنِي ساڻُ، نَنڍاڪُون نِينھُن ڪِئو.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 27 ]
مُنھِنجي حُجَتَ ناھي واٽَ، جِيجَن تَنِ جَتَنِ سين،
تازو پيرُ پُنهونءَ جو، لُڙئو مَنجِهہ لُڙاٽ،
مارِئو ڪِيمَ مُٺِيءَ کي، ڪيچِي ڪاھي ڪَنواٽِ،
نِھارِيندِيَسِ نِڪَڻِي، ڳوڙَھَنِ ڀَرِئو ڳاٽَ،
ڏِٺَمِ ڏُکويُنِ جا، ڇَپَرَ ۾ ڇُونَڇاٽَ.
[ سُر حسيني، وايون، 6 ]
تازو پيرُ پُنهونءَ جو، لُڙئو مَنجِهہ لُڙاٽ،
مارِئو ڪِيمَ مُٺِيءَ کي، ڪيچِي ڪاھي ڪَنواٽِ،
نِھارِيندِيَسِ نِڪَڻِي، ڳوڙَھَنِ ڀَرِئو ڳاٽَ،
ڏِٺَمِ ڏُکويُنِ جا، ڇَپَرَ ۾ ڇُونَڇاٽَ.
[ سُر حسيني، وايون، 6 ]
گُوندَرَ ڪِئو غَرَقُ، ماءَ مُنھِنجو جِندَڙو،
ڏُکويُنِ مَرَڪُ، مَٿي سَڳَرَ پَنڌَڙا.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 1 ]
ڏُکويُنِ مَرَڪُ، مَٿي سَڳَرَ پَنڌَڙا.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 1 ]
گُوندَرَ وِڌو پيچُ، ماءَ مُنھِنجِي جِيءَ کي،
ڏُکويُنِ جو ڏيجُ، روئَڻُ رَتُ پِرِيَنِ لَيءِ.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 4 ]
ڏُکويُنِ جو ڏيجُ، روئَڻُ رَتُ پِرِيَنِ لَيءِ.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 4 ]
English Meaning
Women who are affected with pain.