ڏيکارِئو جي سنڌي معنيٰ
ديدار ڪرايو، ڏيکاري ڏنائين، ڏيکاءُ ڏنائين. درشن ڪرايائين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Shown, came in sight, arrived
ڏيکارِئو جا بيتن ۾ حوالا
اَگَهنِ مِڙِي اَڄُ، ڪِئو سَڏُ صِحَتَ کي،
ڏُورِ ڏُکَندا ڀَڄُ، مِھرِيءَ مُنھُن ڏيکارِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 8 ]
ڏُورِ ڏُکَندا ڀَڄُ، مِھرِيءَ مُنھُن ڏيکارِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 8 ]
اُٺو اوھِيرا ڪَري، مَٿي عاشِقَ اَڄُ،
ڏُورِ ڏُکَندا ڀَڄُ، مِينھَنِ مُنھُن ڏيکارِئو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 19 ]
ڏُورِ ڏُکَندا ڀَڄُ، مِينھَنِ مُنھُن ڏيکارِئو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 19 ]
سَرَتِيُون سُورُ پِرِيَنِ جو، سُڃُنِ ۾ شامِلُ،
ڪوھِيارو ڪامِلُ، مُون کي ڏُکَ ڏيکارِئو.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 19 ]
ڪوھِيارو ڪامِلُ، مُون کي ڏُکَ ڏيکارِئو.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 19 ]
ڏاتَرَ مُون ڏيکارِئو ھوتَنِ جو حُضُورُ،
پِرِيَنِ پَرچَڻَ جو ڪِئو، موٽائي مَذڪُورُ،
اِيءُ دوسِتَنِ جو دَستُورُ، جِيئَن ڇِنان ڇِنَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 15 ]
پِرِيَنِ پَرچَڻَ جو ڪِئو، موٽائي مَذڪُورُ،
اِيءُ دوسِتَنِ جو دَستُورُ، جِيئَن ڇِنان ڇِنَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 15 ]
English Meaning
Shown, came in sight, arrived