ڍَٽِ جي سنڌي معنيٰ
ڍٽ تان. (ڍٽ، ٿر جو اھو حصو آھي جو پائر ۽ کائر جي وچ ۾ آھي. ٿر جي ڏاکڻي ڀاڱي کي پائر ۽ اترين ڀاڱي کي کائر چوندا آھن.)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
By or on the Dhat. (Dhatt is part of Thar.
ڍَٽِ جا بيتن ۾ حوالا
ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، پاسي پارِڪَرَ،
سَڀَيئِي ڀَرِيائُون سَرَ، پَلُرَ جي پالوٽَ سين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 9 ]
سَڀَيئِي ڀَرِيائُون سَرَ، پَلُرَ جي پالوٽَ سين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 9 ]
ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، آيُون عُمَرَڪوٽَ،
پُسايائُون پَلُرَ سين، سُڪا پَٽَ جي سوٽَ،
چَئِنچَلَ ڏيئِي ڇوٽَ، سامارو سَرِ ڪِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 10 ]
پُسايائُون پَلُرَ سين، سُڪا پَٽَ جي سوٽَ،
چَئِنچَلَ ڏيئِي ڇوٽَ، سامارو سَرِ ڪِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 10 ]
ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ڪِئا وِڄَڙِيَنِ وارا،
اُٺا گهَڻِيءَ اُورِ سين، ڪَڪَرَ جي ڪارا،
واحِدَ وَسِڪارا، چَوڌارِي چَڱا ڪِئا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 13 ]
اُٺا گهَڻِيءَ اُورِ سين، ڪَڪَرَ جي ڪارا،
واحِدَ وَسِڪارا، چَوڌارِي چَڱا ڪِئا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 13 ]
ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ڪِئا وِڄَڙِيَنِ ڌَرَمَ،
واحِدَ وَڏائِي ڪِئا، ڪُنڊِيُنِ ساڻُ ڪَرَمَ،
سَنگهارَنِ شَرَمَ، رَکُ مُنھِنجا سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 14 ]
واحِدَ وَڏائِي ڪِئا، ڪُنڊِيُنِ ساڻُ ڪَرَمَ،
سَنگهارَنِ شَرَمَ، رَکُ مُنھِنجا سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 14 ]
ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پِييُون، وِڄُن ڪِئو واڄو،
پَکو پَنھِنجي پِرِينءَ لاءِ، سِبِي ڪَرِ ساڄو،
سَڄَڻُ سَٻاجهو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 15 ]
پَکو پَنھِنجي پِرِينءَ لاءِ، سِبِي ڪَرِ ساڄو،
سَڄَڻُ سَٻاجهو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 15 ]
ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ٿِئا وَلَهارِيءَ وِيءَ،
سِجُ چَنڊُ نَہ پاڙيان، سيڻَنِ جي شَبِيھَ،
جي جانِي اَندَرِ جِيءَ، سي پِرِين پيھِي گهَرِ آيا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 16 ]
سِجُ چَنڊُ نَہ پاڙيان، سيڻَنِ جي شَبِيھَ،
جي جانِي اَندَرِ جِيءَ، سي پِرِين پيھِي گهَرِ آيا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 16 ]
ڏِيا تيلَ ڦُليلَ جا، ٻارِئَمِ تائِين ٻانگَ،
ڍولِئو ڍَٽِ رَھائِيو، ڪَنھِن سَٽاڻي سانگَ،
چانگي چَڙِھي آءُ تُون، لالَ وَرائي لانگَ،
ڪوڙيِين ڀَتين ڪانگَ، اُڏايامِ اَچيجِ تُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 3 ]
ڍولِئو ڍَٽِ رَھائِيو، ڪَنھِن سَٽاڻي سانگَ،
چانگي چَڙِھي آءُ تُون، لالَ وَرائي لانگَ،
ڪوڙيِين ڀَتين ڪانگَ، اُڏايامِ اَچيجِ تُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 3 ]
ڪَتِيُون ڪَپارِ آيُون، ٽيڙُو اُڀا ٽيئي،
راڻو راتِ نَہ آيو، ويلَ ٽَرِي ويئئِي،
کُوءِ سا کاڻِي راتِڙِي، پِريان ريءَ پيئِي،
مُون کي ڏَنءُ ڏيئِي، ڍولئِو ڍَٽِ قَرارِئو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 7 ]
راڻو راتِ نَہ آيو، ويلَ ٽَرِي ويئئِي،
کُوءِ سا کاڻِي راتِڙِي، پِريان ريءَ پيئِي،
مُون کي ڏَنءُ ڏيئِي، ڍولئِو ڍَٽِ قَرارِئو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 7 ]
ڍَٽِ مَ وَڃِجِ ڍولَ، ڪاڻِيارِي ڪاڪِ ڪَري،
آئُون اَڳھَيِن آھِيان، ٻَڌِي تُنھِنجي ٻولَ،
توکي سارِئو سُپِرِين، رُئان مَنجِهہ رَتولَ،
ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ، وِسَھُ مُون وِھُ ٿِئا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 1 ]
آئُون اَڳھَيِن آھِيان، ٻَڌِي تُنھِنجي ٻولَ،
توکي سارِئو سُپِرِين، رُئان مَنجِهہ رَتولَ،
ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ، وِسَھُ مُون وِھُ ٿِئا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 1 ]
سَھِسين سيبا ڪَنجِري، لوئِي لِيڙَ ٿِئامِ،
اَباڻَنِ جي آسِري، ڪَتِي ڪانَہ ڪِئامِ،
ڍَٽِ جا ڍَڪِيامِ، تَنھِنجو پَرَوَرَ پنُ رَھائيين.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 18 ]
اَباڻَنِ جي آسِري، ڪَتِي ڪانَہ ڪِئامِ،
ڍَٽِ جا ڍَڪِيامِ، تَنھِنجو پَرَوَرَ پنُ رَھائيين.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 18 ]
English Meaning
By or on the Dhat. (Dhatt is part of Thar.