ڌَڳَنِ جي سنڌي معنيٰ
دُکن، جلن، ٻرن، سڙن، پڄرجن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Burn, cooked, on fire.
ڌَڳَنِ جا بيتن ۾ حوالا
ھَئَي ٻَرِ اڱارَنِ ٻَڏائِين ٻَرَنِ جٖي،
ھِڪِڙا کُوري کانيا، ٻِئو ڌُوڌي مَنجِهہ ڌَڳَنِ،
اَڃا لُھارَنِ، ميڙي رَکِئا مَچَ لَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 22 ]
ھِڪِڙا کُوري کانيا، ٻِئو ڌُوڌي مَنجِهہ ڌَڳَنِ،
اَڃا لُھارَنِ، ميڙي رَکِئا مَچَ لَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 22 ]
لوھُ ٻَري ڪَٽُ ڪَڙھي، ڌُوڌا جِتِ ڌَڳَنِ،
مُتِرِڪَنِ مُنھَن ڪَڍِئا، سانڌاڻِيون ڪَنبَنِ،
اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آھي مَچَ تي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 15 ]
مُتِرِڪَنِ مُنھَن ڪَڍِئا، سانڌاڻِيون ڪَنبَنِ،
اَڄُ پُڻ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آھي مَچَ تي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 15 ]
اَڳِينءَ جان آئُون، جَرِ پَلَئُہ ٿِي پايان،
تَہ آيَلِ وَڻِجارَنِ جُون، ٿِيُون ڌَڳَنِ ڌَڄائُون،
مَنجهان رُوحَ رَءِ ٿِئا، مُحَّمَدُ مَڃِيائُون،
پُنِيَنِ مُدَعائُون، کَنڊَ کيڙائُو آيا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 12 ]