ڌوئِي جي سنڌي معنيٰ
صاف ڪري، پاڻيءَ ۾ آگهاري، پاڻيءَ سان ميرُ ڪڍي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Washed, cleaned.
ڌوئِي جا بيتن ۾ حوالا
صُوفِيءَ صافُ ڪِئو، ڌوئِي وَرَقُ وُجُودَ جو،
تِھان پوءِ ٿِئو، جِيئَري پَسَڻُ پِرِينءَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 5 ]
تِھان پوءِ ٿِئو، جِيئَري پَسَڻُ پِرِينءَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 5 ]
پاڙِيچِيءَ روئِي، چاڪَ مُنھِنجا چورِئا،
پَگهَرُ وِجهَندِيَسِ پِرِينءَ جو، ڌَڪَنِ ۾ ڌوئِي،
ساجَنَ سَڀوئِي، ساھُ اَوِھان تان صَدقي.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 8 ]
پَگهَرُ وِجهَندِيَسِ پِرِينءَ جو، ڌَڪَنِ ۾ ڌوئِي،
ساجَنَ سَڀوئِي، ساھُ اَوِھان تان صَدقي.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 8 ]
ارڙَھين ڏِينھِن اُٿئا، ڌاڳَنِ کي ڌوئِي،
سامِي سُکُ نَہ سَنبِرِئا، ڪو نَہ ڪَڏِھِين ڪوئِي،
ھُئَڙُنِ سُورُ سَماعَ جو، جَڳَٽَ ۾ جوئِي،
ڪَنھِن سين اورِينِ ڪِينَڪِي، سَناسِي سوئِي،
لَنگهائِينِ لَطِيفُ چئَي، راتِ سَڄِي روئِي،
سامِي سَڀَيئِي، لِڪا ڀُوڻِنَ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 18 ]

مارُوئَڙيءَ روئِي، ٿَرِ نِياپا چايا،
آن جو ڳُتوجيڏِيُوج، مِينڍِي وَرُ سوئِيم
لاٿُمِ نَہ ڌوئِي، ساڻُ سَرَچِي سُومَري.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 13 ]
آن جو ڳُتوجيڏِيُوج، مِينڍِي وَرُ سوئِيم
لاٿُمِ نَہ ڌوئِي، ساڻُ سَرَچِي سُومَري.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 13 ]
مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، ڌوئِي مَرُ مَران،
پاڻِي واري پانھِنجو وِيندَڙِيائِي وَران،
ٿورو مَنجِهہ ٿَران، لَڳي لَووَرِياڙِيين.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 7 ]
پاڻِي واري پانھِنجو وِيندَڙِيائِي وَران،
ٿورو مَنجِهہ ٿَران، لَڳي لَووَرِياڙِيين.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 7 ]
سا ڪِيئَن لاهِيان لوئِي، جا پَھرِئَمِ پَنوَهارَنِ سين،
مِٽِي جا مَلِيرَ جي، مَرُ مِينڍي ۾ هوئِي،
واسي وارَ نَہ ويڙِهِيان، ڌوپي ڌَڄُ ڌوئِي،
ڪانڌُ نَہ ڪَندِيسَ ڪو ٻِئو، عُمَرَ آھِ اُهوئِي،
مَحَرَمُ مُنھِنجي حالَ جو، هِتِ نَہ آھِ ڪوئِي.
[ سُر مارئي، وايون، 24 ]