ڊِگها جي سنڌي معنيٰ
پانت ۾ وڏا، لمبا، سِڌا، لامبا، ٽينگ، ٽينگا، ڊگهہ، طولَ، مٿي اُتاهان، اُچا، اُتم، اعليٰ، وڏا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Long, tall, large, expanded, Straight, distant (journey).
ڊِگها جا بيتن ۾ حوالا
پَٿَرِ پيرَ ڊِگها ڪَري، جَڏھِن سُتِيُون جٖي،
تَڏِھِين تَنِي کي، ساٿَ سُتيئي ڇَڏِئو.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 10 ]
تَڏِھِين تَنِي کي، ساٿَ سُتيئي ڇَڏِئو.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 10 ]
وَڏِي جاڙَ ڪِياءِ، جِيئَن سُتِيئَن پيرَ ڊِگها ڪَري،
دَرَ ڀَرِ اُڀِيئَن دوسِتَ جي، سُڻ ڀُڻ توءِ سُياءِ،
اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جِي، سَڳِي تُون نَہ سِياءِ،
پُنهونءَ سين پيياءِ، تُون نِڀاڳِي نِنڊُون ڪَريين.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 11 ]
دَرَ ڀَرِ اُڀِيئَن دوسِتَ جي، سُڻ ڀُڻ توءِ سُياءِ،
اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جِي، سَڳِي تُون نَہ سِياءِ،
پُنهونءَ سين پيياءِ، تُون نِڀاڳِي نِنڊُون ڪَريين.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 11 ]
اِيءُ ڪَمُ ڪَمِيڻِيَنِ، جِيئَن سُتِيئَن پيرَ ڊِگها ڪَري،
نِنڊان نِماڻِينُ کي، اوڀالا اَچَنِ،
ليٽين ڪِيئَن لَطِيفُ چئَي، ھارِي ريءَ ھوتَنِ،
سي ڪوھُ پُنهون پُڇَنِ جي سَنجهي رَھَنِ سُمَهي.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 12 ]