ڇُلُون جي سنڌي معنيٰ
تڪڙيون ڊوڙون، لُوهُون، جُلَھُون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Runs, roamings, jumpings, run in haste.
ڇُلُون جا بيتن ۾ حوالا
واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، اَڳَ نَہ ڏيھُ ڏٺومِ،
ڏُونگَرُ ڏوراپَنِ سين، ڪاتِيءَ ريءَ ڪُٺومِ،
جيلان مُحِبُ مِٺومِ، ڇُلُون ڪَرِيان تي ڇَپَرين.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 4 ]

اُٺَ ويرِي اوٺارَ ويرِي، ٽِئا ويرِي ڏيرَ
چوٿُون ويرِي واءُ ٿِئو، جَنھِن لَٽِئا پُنُوھَ پيرَ،
پَنجُون ويرِي سِڄُ ٿِئو، جَنھِن اُلَھِي ڪَئِي اَويرَ،
ڇَھُون ويرِي چَنڊُ ٿِئو، جَو کِڙِئو نَہ وَڏِيءَ ويرَ،
سَتُون ويرِي ڇَپَرُ ٿِئو، جَنھِن سَنوان ڪِئا نَہ سيرَ،
واھيري جِي ويرَ، ٿِي ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 7 ]