چِٽو جي سنڌي معنيٰ
صاف پڌرو ٿيل، اونداھ ۾ بہ نظر ۾ ايندڙ، کُليل
ذريعو:ڀٽائيپيڊيا
English Meaning
Clear, distinct, plain, manifest, perspicuous, distinctly
چِٽو جا بيتن ۾ حوالا
جوڙي جوڙَ جَھانَ جِي، جَڏھِن جوڙِيائِين،
خاوَندُ خاصُ خَلِقي، مُحَّمَدُ مُڪائِين،
ڪَلمُو تَنھِن ڪَرِيمَ تي، چِٽو چايائِين،
اَنا مولاڪَ وَ اَنتَ مَحبُوبِي ، اِيءَ اُتائِين،
ڏِکِي ڏِنائِين، ٻَئِي سَرائون سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 27 ]

نااُميديءَ جي نِجُهري، پيھِي پُڇُ اللهُ،
چِٽو رَبِي راھُ، پَرَ مُرادُنِ مَخفِي ڪِئو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 15 ]

نااُميدِيءَ جي نِجُهري، پيھِي پُڇُ اللهُ،
چِٽو رَبِي راھُ، پَرَ مُرادُنِ مَخفِي ڪِئو.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 21 ]

ڪافَئُون ڪَري ڪُرِنِشُون ٻَڌِي اُڀِيا ٻانھُون،
اُڀِي اَلَکَ سامُهُون، رَتو رُنائُون،
سَناسِيَنِ سَيِّدُ چئَي، مِلِيُون مُدَعائُون،
وَلَسَوۡفَ يُعۡطِيڪَ رَبُّڪَ فَتَرۡضَىٰ ، چِٽو چَيائُون،
لائِقُ لَڌائُون، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 22 ]