چِيھُون جي سنڌي معنيٰ
سيرُون ڪري، ڦاڙي، ڏري، چيرون، چيرجي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
cut aparts, cut thoroughly
چِيھُون جا بيتن ۾ حوالا
تَڙي طَبِيبَنِ، گهايَلُ گهَران ڪَڍِئو،
چِڪِئا چاڪَ چِيھُون ڪَري، ڪَڙِيُون مُورُ نَہ ڪَن،
دوسِتَ دَرسَنَ تُنھِنجي، وِڌو ٺارُ ٺَپَنِ،
وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، آءُ تَہ پِريَمِ اُٿِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 23 ]
چِڪِئا چاڪَ چِيھُون ڪَري، ڪَڙِيُون مُورُ نَہ ڪَن،
دوسِتَ دَرسَنَ تُنھِنجي، وِڌو ٺارُ ٺَپَنِ،
وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، آءُ تَہ پِريَمِ اُٿِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 23 ]
ڪاڏي وَڃان ووءِ، جِيئَن وَھَڻُ وَڇارَنِ مَٽِئو،
ڏوڌِي پُڇي ڏيھَ جا، جَرَ سِرِ اُڀِي جوءِ،
شِڪَستِي سَيِّدُ چئَي، چِيھُون ڪِئو چوءِ،
ساھَڙَ سانگُ سَندوءِ، اَچِي اوراھُون ٿِئي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 16 ]