چُڻِڪَن جي سنڌي معنيٰ
ياد پون. اُڀرن، خيال اچن، هُرَن، پُورَ پون. وَڄَن، واڄو ڪن، آواز ڪن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Coming in memory. Pricking, puncturing.
چُڻِڪَن جا بيتن ۾ حوالا
راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پِرتِ نَئِين پَنڌُ پُورِ،
مَيا مَحبُوبَنِ جي، ھَلِي وانءُ حُضُورِ،
جي چُڻِڪَن چِتَ ۾، سي ڪِيئَن سَڄَڻَ ڏُورِ،
اللهَ لَڳِ اَسُورِ، اُتائِين ٿِي آءُ تُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 2 ]

وِيندي مُنڌَ ميھارَ ڏي، ڪَري ڪانَہ نِھارَ،
ھِنَ کي چُڻِڪَن ٿا چِتَ ۾، ساھَڙَ جا سِينگارَ،
سا ڪِيئَن ھُنَئان ڌارَ، گهَرِ گهارِيندِي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 23 ]

اَڄُ پُڻ اَکڙِيُون، پييُون پارِ پِرِيَنِ جي،
مُون کي مَحبُوبَنِ جُون چُڻِڪَن مَنجِهہ چَڙِيُون،
جٖي ميھارَ کي مِڙِيُون، سي لَهِرِنِ لوڏِيُون ڪِينَڪِي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 26 ]

تَنَ مَنَ مَنجِهہ تَنوارَ، ھو يارَ، سَدا آھي سِڪَ جِي وو،
تِيئَن چُڻِڪَن چِتَ ۾، جِيئَن سا گَهنڊِيءَ لارَ،
لَڳِي اُڃَ اَکِيُنِ کي، سِگهو موٽُ سَتارَ،
پَسان ڪِينَ پِريَتَڻُو، ڪاڏي پِرتِ پَچارَ،
بَندِياڻِي ڀَنڀورَ ۾، آھِيان آنھان ڌارَ،
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، آرِياڻِي آڌارَ،
ڏِيان خيزَ خِزان ۾ بي تو مَنجِهہ بَھارَ،
مُضَرَتان مُون کي ڪِئا، حَڪِيمَنِ ھَزارَ،
دَوا آھِين دِلِ جِي، وارو واقفِڪارَ،
آڻي ڏي عَلِيلَ کي، معجونُون موچارَ،
آھي عَبدِالْلَطِيفُ کي، تُنھِنجِي پِيَ پَچارَ.
[ سُر معذوري، وايون، 10 ]

چيتارِئان چُڻِڪَن، سنڀارِيانِ صَحِي،
اَندَرِ رُوحَ رَھِي، مُون کي صُورَتَ سُپَيرِيَن جي.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 26 ]

چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، وِسِرَنِ ڪِينَ وَري،
ڳَنان عَھَدَ اَلَستَ جي، ڪِ تِھائِين پَري،
لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ ، مارُئِي ڪِيئَن ڪَري،
اَڄُ ڪِ ڪالَهہ مَري، سارِئو سانبِيَڙَنِ کي.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 1 ]

جَنِ ٿي پَيَ پِيارئو، مَنجهان سِڪَ سَري،
پُسِيءَ پاندُ ڀَري، مانَ فاتِحا ڪَنِ فَقِيرِ جِي.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 2 ]

چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، گهارِينِ مَٿي گَهٽَ،
کِھَ مانڌانُون مَکِڻِي، ڍوئِينِ پاسي ڍَٽَ،
پَنوَهارَ ڪي پَکَڙين، وَڃِي ڪَرِيان وَٽَ،
ساڻيھَ سامُهِين سَٽَ، ڪَندِيَسِ ڀَڃِي ڪَڙَنِ کي.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 4 ]

چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، سَدا مَنجِهہ سَرِيرَ،
لَڏي ڪَنھِن لوءِ وِئا، مارُو مَنجِهہ مَلِيرَ،
ويٺِي پُوڄِئان پِيرَ، مانَ مِلَنِمِ ڪِڏِهِين.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 5 ]

چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، هِينئَڙي نِتُ هُرَنِ،
لَيْسَ ڪَمِثْلِهِ شَيْءٌ ، پَسَڻُ اِيءُ پِرِيَنِ،
پَکا پَنوَهارَنِ، نيئِي اَڏِئا نانھِن ۾.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 7 ]