چَوَڻَ جي سنڌي معنيٰ
ڳالهائڻ، آکڻ، وات مان ڪجهہ لفظ ڪڍڻ، ٻُڌائڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Saying, telling.
چَوَڻَ جا بيتن ۾ حوالا
آڏو چِڪَڻُ چاڙُه، مُنھِنجِي مَوجَ نَہ سَھي مَڪُڙِي،
ميڙي مَٺايُنِ جو، بيحَد چاڙھيُمِ بارُ،
چَوَڻَ چارو ناھِ ڪو، بَدِيُون بيشُمارُ،
ڪَپَرُ ڪارُونڀارُ، اُڪارِيين اِحسانَ سين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 16 ]
ميڙي مَٺايُنِ جو، بيحَد چاڙھيُمِ بارُ،
چَوَڻَ چارو ناھِ ڪو، بَدِيُون بيشُمارُ،
ڪَپَرُ ڪارُونڀارُ، اُڪارِيين اِحسانَ سين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 16 ]
سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، سَڀَنِي سُونھائي،
چُپَ سين چَلائي، چِٺيُون جي چَوَڻَ جُون.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 6 ]
چُپَ سين چَلائي، چِٺيُون جي چَوَڻَ جُون.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 6 ]
رِءَ رَتُ روءِ، ڳَلِيُون نِھاري ڳوٺَ جُون،
ماڙِيُون مَحَلَ مَڱَرُ ٿِئا، پِرَ پُڄاڻا پوءِ،
سوڍا سُورُ سَندوءِ، چَوَڻَ کان چَئوڻُو ٿِئو.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 4 ]
ماڙِيُون مَحَلَ مَڱَرُ ٿِئا، پِرَ پُڄاڻا پوءِ،
سوڍا سُورُ سَندوءِ، چَوَڻَ کان چَئوڻُو ٿِئو.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 4 ]
اَکَڙِيُنِ آرو، مُونھان پُڇِي نَہ ڪِئو،
وَڃِي اُتي اَڙِيُون، جِتِ چَوَڻَ نَہ چارو،
ھِينئَڙو ويچارو، واٽُون جَهلِئو وِنجهُلي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 12 ]
وَڃِي اُتي اَڙِيُون، جِتِ چَوَڻَ نَہ چارو،
ھِينئَڙو ويچارو، واٽُون جَهلِئو وِنجهُلي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 12 ]
”مُون“ مُونھِين کي جُڳاءِ، ”مُون“ مُونھِين ۾ سَپَجي،
مُونھِين مَنجهان ”مُون“ ٿِي، مُونھِين جِي ساڃاءِ،
ھاڻِ چَوَڻَ ڪانِهي جاءِ، ڪيڏانھَن ڪَرِيان پَنڌَڙو.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 7 ]
مُونھِين مَنجهان ”مُون“ ٿِي، مُونھِين جِي ساڃاءِ،
ھاڻِ چَوَڻَ ڪانِهي جاءِ، ڪيڏانھَن ڪَرِيان پَنڌَڙو.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 7 ]
English Meaning
Saying, telling.