چَوان جي سنڌي معنيٰ
ٻڌايان، ڏسيان، سڻايان، چئي ڏيان، آکيان، اطلاع ڏيان
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Say, tell, inform
چَوان جا بيتن ۾ حوالا
ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿَ کَڻِي، دِلِ ۾ تَيرِي دانھَن،
ڪَھان تَہ ڪُوڪَ ٿِئي، صَبُرُ آئُون نَہ سَھان،
ڪَنھِن کي اِيئَن چَوان، تَہ مُون کي مارِئو سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 7 ]
ڪَھان تَہ ڪُوڪَ ٿِئي، صَبُرُ آئُون نَہ سَھان،
ڪَنھِن کي اِيئَن چَوان، تَہ مُون کي مارِئو سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 7 ]
ڀَڳو آئُون نَہ چَوان، مارِيو تَہ وِسَھان،
ڪانڌُ مُنھَن ۾ ڌَڪَڙا، سيڪِيندِي سُونھان،
تَہ مَرُ لَڄَ مَران، جي ھُونِسِ پُٺِ ۾.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 16 ]
ڪانڌُ مُنھَن ۾ ڌَڪَڙا، سيڪِيندِي سُونھان،
تَہ مَرُ لَڄَ مَران، جي ھُونِسِ پُٺِ ۾.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 16 ]
ڪِجي پَنڌُ پُڇان تو، ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪِيئَن،
بيخُودِ ھَلِجِ بَرَ ۾، آئُون ٿو چَوان اِيئَن،
سِڪَڻُ ساڄَنَ سِينءَ مَتان مُٺِي ڇَڏيِين.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 20 ]
بيخُودِ ھَلِجِ بَرَ ۾، آئُون ٿو چَوان اِيئَن،
سِڪَڻُ ساڄَنَ سِينءَ مَتان مُٺِي ڇَڏيِين.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 20 ]
آئُون تانۡ اِھَڙِيائِي، جَا ٻانِهيءَ کي ٻائِي چَوان،
مُون ڪَمِيڻِيءَ لاءِ، پُنهون ٿي پَرٽُ ٿِئو.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 17 ]
مُون ڪَمِيڻِيءَ لاءِ، پُنهون ٿي پَرٽُ ٿِئو.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 17 ]
آئُون ھَڏِ نِماڻِي، جَا ٻانِهيُنِ کي ٻائِي چَوان،
نِيو مُون کي پاڻَ سين، پُنهون آرِياڻِي،
پورِھِيَتِ ٿِي پاڻِي، ٻِيَنِ کان ٻِيڻو ڀَرِيان.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 18 ]
نِيو مُون کي پاڻَ سين، پُنهون آرِياڻِي،
پورِھِيَتِ ٿِي پاڻِي، ٻِيَنِ کان ٻِيڻو ڀَرِيان.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 18 ]
ٿَڙي تان ٿَڙا پَڙي، چَڱِيءَ ڀَتِ چَوان،
مَمُولَدُ ٿِئو مُون پِرِين، وَٺِي شالَ وَران،
زَيدَنِ مُحِبَ مِڙان، ٿَڙِ بِيا ٿوڙِڪو ٿَئي.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 24 ]
مَمُولَدُ ٿِئو مُون پِرِين، وَٺِي شالَ وَران،
زَيدَنِ مُحِبَ مِڙان، ٿَڙِ بِيا ٿوڙِڪو ٿَئي.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 24 ]
English Meaning
Say, tell, inform