چَمڪَنِ جي سنڌي معنيٰ
چِمڪاٽَ ڪن، تَجَلا ڏين، روشنيون ڪن، جَرڪَن. جهل مل ڪن، جهر مر ڪن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Glittering, brightening, gleaming.
چَمڪَنِ جا بيتن ۾ حوالا
موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ،
ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ پارَ،
ڪي چَمڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَھَنِ سَمَرقَندِيَنِ سارَ،
ڪي رَمِي وييُون رُومَ تي، ڪي ڪابُلُ ڪي قَنڌارَ،
ڪي دِلِي ۽ دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرنارَ،
ڪَنِي جُنبِي جيسَلمِيرَ تان، ڏِنا بيڪانِير بُڪارَ،
ڪَن اَچِي عُمَرَڪوٽَ جا، وَسايا وَلَھارَ،
ڪِنِ ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنِ ڍَٽَ تي ڍارَ،
ڪي لَڙِيُون لاھورَ تي، ڪي ھَلَنِ مَٿي ھالارَ،
ڪي پُرِيُون پَنجابَ ڏي، ڪِنِ چِڪِلَ تي چَمڪارَ،
سائِينمِ! سَدائِين ڪَرِين، سِنڌُڙيءَ ۾ سُڪارَ،
دوسِتَ تُون دِلِدارَ، عالَمُ سَڀُ آبادُ ڪَرِيين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 1 ]

ريءَ مَصلِحَتَ مَڱڻا، ھِتِ قَصرِ ڪِينَ اَچَنِ،
نُورَ تَجَلِي نُورَ سين، نَمِئو نيڻَ پَسَنِ،
خيمي ۾ کَنگهارَ جي، چانڊُوڻا چَمڪَنِ،
لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، سَندا ڏانَ ڏِسَنِ،
تيلاھَ مُلڪَ ڌَڻِيَنِ، مَڃِئو مَڱڻَھارَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 14 ]

گَنيَرَ گَتِ سِکَنِ، چَلَڻَ جِي چاءِ پَئِي،
ھِندُو حَيرَتَ ۾ پِئا، لالِي ڪِي لَبَنِ،
چَمڪَنِ چوڏِسِ چَنڊَ جِيئَن، وِڄَڙِيُون وِھسَنِ،
لوچَنِ ٿا لَطِيفُ چئَي، پَسَڻَ لاءِ پِرِيَنِ،
ڪيسَرَ قَرِيبَنِ، سَنباھَي ساڻُ کَنيا.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 13 ]