چَسا جي سنڌي معنيٰ
چَسَ ڀريا، لذتن وارا، سواد ڀريا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Tasty, delicious, flavourful.
چَسا جا بيتن ۾ حوالا
سَرَتِنِ سَختَ سَنِيھَڙا، ڏيئِي مُڪا ڏُونھِن مَلِيرَ،
آھِينِ عُمَرَڪوٽَ ۾، کَنڊُ مِٺايُون کِيرَ،
چَسا کائِي چُورِما، ھِرِيئَن ساڻُ حَمِيرَ،
ڪَنڊا قُوتُ ڪَرِيڙَ، ڪِ تو وِئَڙا وِسَرِي.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 15 ]

کَٿِيءَ مَنجِهہ کَٽِيائِين، لوئِيءَ ۾ لَڌائِين،
مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو،
پَرَچِي پَنوَهارَنِ سين، لوئِي ڏيجُ لَڌائِين،
سِيلُ نِباهِيين سُومَرا، پَنھِنجو پِيءُ پُڇِيائين،
جُهوپو جهانگِيڙنِ جو، ماڙِيءَ سين نَہ مَٽِيائِين،
گولُون گولاڙَنِ تان، جَنپي ساڻُ جَهٽِيائِين،
سَڱَرُ ساهيڙِيَنِ سين، کاٽُونبا کاڌائِين،
مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، چَسا سَڀَ چَکِيائِين،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سِيلُ نِباهِيين تُون سائِين.
[ سُر مارئي، پائران پيھي آيا، 12 ]