چيتُ جي سنڌي معنيٰ
ڌيان، خيال. ھوشياري. ڳڻتي، چِنتا. خُودي. پنھنجي هستيءَ جو سَماءُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Awareness, consciousness, sensibility
چيتُ جا بيتن ۾ حوالا
مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ ڪَريجِ چيتُ،
سِڙَه ڌُئاري صافُ ڪَري، صابُڻَ ساڻُ سُفيتُ،
سامُونڊِي سُچيتُ، ٿِيءُ تَہ پَھچين پارَ کي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 4 ]
سِڙَه ڌُئاري صافُ ڪَري، صابُڻَ ساڻُ سُفيتُ،
سامُونڊِي سُچيتُ، ٿِيءُ تَہ پَھچين پارَ کي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 4 ]
پِريان سَندي پارَ جِي، مِڙيئِي مِٺائِي،
ڪانِهي ڪَڙائِي، چَکين جَي چيتُ ڪَري.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 11 ]
ڪانِهي ڪَڙائِي، چَکين جَي چيتُ ڪَري.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 11 ]
دائُودِي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونِهي چيتُ،
ڳَورِيءَ ھيٺِ سُچيتُ، ڪاھِئو پاکَرِيين ھَڻي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 2 ]
ڳَورِيءَ ھيٺِ سُچيتُ، ڪاھِئو پاکَرِيين ھَڻي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 2 ]
English Meaning
Awareness, consciousness, sensibility