ڀُلئا جي سنڌي معنيٰ
چُڪيا، غلط ٿيا. ويسريا، ڀولا ٿيا. خطا ڪئي، ڏوهجي پيا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Have mistaken, made blunder
ڀُلئا جا بيتن ۾ حوالا
وِرسِئا ويڄَ ويچارا، ڀُلئا ويڄَ ويچارا،
دِلِ ۾ دَردُ پِرِيَنِ جو، مَنَ ۾ مَرِضُ پِرِيَنِ جو،
اُٿِئو ويڄا مَ وِھو، وَڃو ڊَڀَ کَڻِي،
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جِي، آيا سُورَ ڌَڻِي، آيا جِيءَ جِيارا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 1 ]
دِلِ ۾ دَردُ پِرِيَنِ جو، مَنَ ۾ مَرِضُ پِرِيَنِ جو،
اُٿِئو ويڄا مَ وِھو، وَڃو ڊَڀَ کَڻِي،
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جِي، آيا سُورَ ڌَڻِي، آيا جِيءَ جِيارا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 1 ]
جهنگَلِ ھَلِئا سي نَہ ڀُلئا، راھَ ھَلِئا ڦُرجَنِ،
اَوَجَهڙِ سي نَہ پَوَنِ، ٻيئِي جَنِي ڇَڏِيُون.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 9 ]
اَوَجَهڙِ سي نَہ پَوَنِ، ٻيئِي جَنِي ڇَڏِيُون.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 9 ]
English Meaning
Have mistaken, made blunder