ڀَرَمُ جي سنڌي معنيٰ
پَت، ساکَ، لڄ. حياء، شرم، ننگ. آبرو، عزت، مان. ناموس. ستر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Honor, good name.
ڀَرَمُ جا بيتن ۾ حوالا
نَڪِي ساھَڙُ سارِيان، نَڪِي ٻيلِي ڏَمُ،
اَچِي پييُمِ اوچِتو، ساڻُ ڪُنَنِ ڪَمُ،
ڀيڙِيِينُ مَنجِهہ ڀَرَمُ، آگا رَکُ اَتارِ جو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 28 ]
اَچِي پييُمِ اوچِتو، ساڻُ ڪُنَنِ ڪَمُ،
ڀيڙِيِينُ مَنجِهہ ڀَرَمُ، آگا رَکُ اَتارِ جو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 28 ]
ٻوڙِين چاڙِھِينِ تُون ڌَڻِي، ٻي جو دَعويٰ رَسي نَہ دَمُ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ جو، ميھَرَ تي مَعلُومُ،
رَکُ ڀيلي جو ڀَرَمُ، جَو اَوَتَڙِ پِئو اَجهورَ ۾.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 2 ]
ھِنَ مُنھِنجي حالَ جو، ميھَرَ تي مَعلُومُ،
رَکُ ڀيلي جو ڀَرَمُ، جَو اَوَتَڙِ پِئو اَجهورَ ۾.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 2 ]
پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهين، وِئو سَسُئِيءَ جو شَرَمُ،
ھيڪَلِيُون ھَلَنِ جي، ڀَڄي تَنِ ڀَرَمُ،
جو وِندُرَ مَنجِهہ وَرَمُ، سو سودو سَرِئُسِ ھِتَھِين.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 4 ]
ھيڪَلِيُون ھَلَنِ جي، ڀَڄي تَنِ ڀَرَمُ،
جو وِندُرَ مَنجِهہ وَرَمُ، سو سودو سَرِئُسِ ھِتَھِين.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 4 ]
زيرِيين ٻيڙِيين لوھَ ۾، ڳَٽِنِ ڪِيَسِ ڳاھُ،
سَنڪي سَندي سُومَري، ھَڏِ نَہ چاڙھِئم ماھُ،
سَرَتِيُون دُعا ڪِجاھُ، تَہ ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ رَھي.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 29 ]
سَنڪي سَندي سُومَري، ھَڏِ نَہ چاڙھِئم ماھُ،
سَرَتِيُون دُعا ڪِجاھُ، تَہ ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ رَھي.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 29 ]
ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ، جَنھِن مَنجِهہ اَڇِي اُنَ،
تَہ پُڻ ويٺِي وِندِيان، توڙي پَوَنِسِ تُنَ،
غافِلِ رَکُ غَرِيبِ کي، عُمَرَ مَنجِهہ اَمُنَ،
سَرَتِنِ ساڻُ سَمُنَ، آھِمِ اُٺي مِينھَڙين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 30 ]