ٿِيو جي سنڌي معنيٰ
ٿي ويو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Done, been
ٿِيو جا بيتن ۾ حوالا
دوسُ پيھِي دَرِ آئِيو، ٿِئو مِلَڻَ جو ساعِيَو.
ڏِينھَن پُڄاڻُون آڻي اَسان کي، مَولا مُحِبُ مِلائِيو،
وِيو وِڇوڙو، ٿِيو مَيلاپو، واحِدَ واءُ وَرائِيو،
هُو جَنھِين جو ڏَسُ ڏُوراڏو، اوڏو اَڄُ سو آئِيو،
عَبدِالْلَطِيفُ چئَي اَچِي عَجِيبَنِ، پاڻَ فَضُلُ فَرمائيو،
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 6 ]

سِڙَه سُڃاڻِيو چوءِ، ماءَ سامُونڊِي آيا،
بَرِڪَتَ مُحَّمَدُ مِيرَ جي، اَڱڻُ سُرَھو ٿِيو،
سِڪَندي مُون سالَ ٿِئا، وَڻِجارو آيو،
ماڻُهو ڏِينِ مُبارَڪُون، اِھو پُڻ ڏِينھُن ٿِئو،
اُنِ جو عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَفَرُ سابِ پِئو.
[ سُر سامونڊي، وايون، 4 ]

چاھَڪِ چِنائُون، مينھِيُون مَتارِيُون ٿِيُون،
ڪَڪورِيَلَ ڪُنَ جو، پاڻِي پيتائُون،
ڏُڌُ سو ڏِنائُون، جَنھِن مان عالَمُ آسودو ٿِيو.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 33 ]
ڪَڪورِيَلَ ڪُنَ جو، پاڻِي پيتائُون،
ڏُڌُ سو ڏِنائُون، جَنھِن مان عالَمُ آسودو ٿِيو.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 33 ]
واھُوندِئان وِڄُون ٿِيُون، گُڙِيو ڏُونھِن کَنڀاتَ،
ڪُنڍِيُون ڪاھي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ،
سَنگهارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃَ اُساٽَ،
جُهوپي ڏيئِي جهاٽَ، پُسائِيندو پَٽِيون.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 12 ]
ڪُنڍِيُون ڪاھي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ،
سَنگهارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃَ اُساٽَ،
جُهوپي ڏيئِي جهاٽَ، پُسائِيندو پَٽِيون.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 12 ]
مِينڍو مِينھَن پُسايو، سَڙِي ٿِيو سيلو،
پَکَي پيھِي آيو، رَحمَتَ جو ريلو،
ساجَنُ سَويلو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيو.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 20 ]
پَکَي پيھِي آيو، رَحمَتَ جو ريلو،
ساجَنُ سَويلو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيو.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 20 ]
سَرَتِيُون سُوريتِيَنِ جي، ڪوھُ ٿِيو پَٿَرِ پُونِ،
گهاءُ نَہ لَڳُنِ گَهٽَ جو، رِياءَ مان ٿِيُون رُونِ،
چيتارِئو نَہ چُوَنِ، پارَ مُنھِنجي پِرِينءَ جا.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 31 ]
گهاءُ نَہ لَڳُنِ گَهٽَ جو، رِياءَ مان ٿِيُون رُونِ،
چيتارِئو نَہ چُوَنِ، پارَ مُنھِنجي پِرِينءَ جا.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 31 ]
English Meaning
Done, been