پِيارئو جي سنڌي معنيٰ
اڃ لاھيو، وات ۾ اوتيو، آب آڇيو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To cause to drink. To place to one’s credit in account, to pay, liquidate, discharge a debt.
پِيارئو جا بيتن ۾ حوالا
جَڏَڙو جِيءُ جِيارِئو، پِرِيَنِ جِي پَچارَ سيڻَنِ جِي سَنڀالَ،
اُڃِئو تَنُ عَمِيقَ مان، پِرِيَنِ پُوڄُ پِيارئو.
سَنئُون مُنھَن ڪَري سُپِرِين، نِرمَلَ نُورَ نِھارِئو،
سائِلَنِ جِيئَن سَڏَ ڪَري، اَئِين تالُنِ کي تَنوارِئو،
مَرِضُ مَرِيضَنِ تان، اَئِين اِشاري ساڻُ اُتارِئو،
ڪَرَمَ ڪَرِيمَنِ جي، مُون کي اَھُکِيءَ مان اُڪارِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 4 ]

چُرَنِ چُڻِڪَن چِتَ ۾، وِسِرَنِ ڪِينَ وَري،
جَنِ ٿي پَيَ پِيارئو، مَنجهان سِڪَ سَري،
پُسِيءَ پاندُ ڀَري، مانَ فاتِحا ڪَنِ فَقِيرِ جِي.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 2 ]

جِهڄان پَسِئو جهوڪَ، آيَلِ سَنگهارَنِ جِي،
جَنِ ٿي پَھِيين پِيارئو، مَنجهان مَٽَنِ موڪَ،
لَڏي وِچان لوڪَ، اُٺي وِئَڙا اُڪِرِي.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 10 ]