پَڙاڏا جي سنڌي معنيٰ
اهي آواز جيڪي موٽي ٻڌجن. سڏ جو آواز جيڪو ڪنھن آڏ سان ٽڪرجڻ کان پوءِ موٽي ٻڌڻ ۾ اچي ، گونج. پڙلاءَ. آواز. صدا. اعلان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Echo, reverb.
پَڙاڏا جا بيتن ۾ حوالا
وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، پَسو سَگَهہ سَندِياسِ،
آڌِيءَ وَڃِيو آکُڙي، نَڪو پيءُ نَہ ماسِ،
سوئِي سو سيڻاسِ، پَري پَڙاڏا ڪَري.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 23 ]
آڌِيءَ وَڃِيو آکُڙي، نَڪو پيءُ نَہ ماسِ،
سوئِي سو سيڻاسِ، پَري پَڙاڏا ڪَري.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 23 ]
وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڏاڍو ڏوري ڏورِ،
سُپيرِيان جي سُورِ، پَري پَڙاڏا ڪَري.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 24 ]
سُپيرِيان جي سُورِ، پَري پَڙاڏا ڪَري.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 24 ]
پَري پَڙاڏا ڪَري، اوري نَہ آھي،
ڪَمتَرِ ڪا ڪاھي، پَھچي اِنَ پَٽِيءَ کي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 25 ]
ڪَمتَرِ ڪا ڪاھي، پَھچي اِنَ پَٽِيءَ کي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 25 ]
English Meaning
Echo, reverb.