پَلِئو جي سنڌي معنيٰ
اَڻ پليو. اَڻ جهل، نَہ مڙڻ وارو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Stubborn, one who can't obey
پَلِئو جا بيتن ۾ حوالا
آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن وو مُنھِنجو نِينھُن پَلِئو نَہ رَھي،
سامُونڊِيءَ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينھَن،
مادَرِ پائي مُنڊِيُون، وَڃان سَيِّدَ سِينءَ،
وِئو وَڻِجارو اوھَرِي، مُون کي چاڙِھي چِيئَن،
گُوندَرَ مَٿان جِندَڙي، وَرِئا وَلِيُنِ جِيئَن،
اُڏوھِيءَ جِيئَن ڏُکَڙا، چَڙِهئا چوٽِيءَ سِينءَ.
[ سُر سامونڊي، وايون، 5 ]

واھُڙَ وَھَنِ نَواھَ، اَڃا وَھُ اَڳي ٿِئو،
گهَرِ ويٺِيون گَهڻا ڪَرِيو، سَرَتِيُون سَڱَ سَنوان،
صُورَتَ جَا ساھَڙَ جِي، سا جَي ڏِٺِي آن،
ھُوندَ نَہ پَلِئو مانۡ، گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 3 ]
گهَرِ ويٺِيون گَهڻا ڪَرِيو، سَرَتِيُون سَڱَ سَنوان،
صُورَتَ جَا ساھَڙَ جِي، سا جَي ڏِٺِي آن،
ھُوندَ نَہ پَلِئو مانۡ، گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 3 ]
قَضا قَلَمُ وَھايو، نَہ تَہ آئُون سِياڻِي،
پاڻان پَلِئو ڪيتِرو، ڏَمَ ٿي ڏِھاڙِي،
اَڳھَيِن مُنھِنجي اَنگَ ۾، لِکِئو ھو پاڻِي،
تيلاھِين ڄاڻِي، ڪِران ڪُنَنِ وِچَ ۾.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 21 ]
پاڻان پَلِئو ڪيتِرو، ڏَمَ ٿي ڏِھاڙِي،
اَڳھَيِن مُنھِنجي اَنگَ ۾، لِکِئو ھو پاڻِي،
تيلاھِين ڄاڻِي، ڪِران ڪُنَنِ وِچَ ۾.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 21 ]
English Meaning
Stubborn, one who can't obey