پَرچَنِ جي سنڌي معنيٰ
راضي ٿينِ، مطمئن ٿينِ، اتفاق ڪنِ، ٺاھ ڪنِ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To enter into friendship again after a quarrel, make up- friends, be pacified, reconciled. To be happy, at ease, comfortable.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
پَرچَنِ جا بيتن ۾ حوالا
گهَٽَنِ ۽ گُهٽِڪَنِ، وَٽِيُون پِيَنِ وِھَ سِرِ گاڏُيُون،
بِدِہ ساقِي بَرخَيزِ ، پِيارِ کي پِيئَندَنِ،
اُو پِڪين نَہ پَرچَنِ، مَٽَ تَڪِيائُون مَنجِهيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 14 ]

اَکڙِيُون اَکَڙِيُنِ تي، ڏَمَرَ ڏُکَ ڪَرِين،
جيلاھَ سِڪَڻُ سِکِيُون، تي دَعويٰ مَنجِهہ دَڙِينِ،
کِلَنِ ۽ کَڙِينِ، رُسَنِ پَرچَنِ پاڻَ ۾.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 25 ]

پَرچَنِ شالَ پَنوَھارَ، ڍولا مارُو مُون سين،
پائي آيَسِ پاندَ ۾، اَوَڳُڻَ عَيبَ اَپارَ،
مُون مُورائِين مَدِيُون، آھِين سيڻَ سَتارَ،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، تَڙِ تَڙِ پيئِي تَنوارَ،
عَيبَنِ ڀَرِي آھِيان، سَتُرُ ڪَرِ سَتارَ،
[ سُر مارئي، وايون، 2 ]

جَهجها ڏيجِ جُھارَ، مُنھِنجا مَلِيرَ ڄائِيين.
آسَرَ ڀَرِي آھِيان، پَرچَنِ مانَ پَنوَھارَ،
ويڙِھِيُون ۽ وَلَهارَ، ڪِ سُوايا سارِينِ مُون.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 17 ]