پَرمَلُ جي سنڌي معنيٰ
مددگار، ٻين سان لھ وچڙ رکڻ وارو، رلڻو ملڻو، خوش خلق. پوتر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Helper, one who is generous with all.
پَرمَلُ جا بيتن ۾ حوالا
مُنھِنجي سَيِّدُ سارَ لَھَندو، مُون کي آھي، اُميدَ اللهَ ۾،
جَڏھِن صُورَ ڌَڪاءُ ٿِيندو، سَڀَ اَکِيُون سِجُ ڪڍندو،
ميڙو ٿِيندو مُؤمِنين، اُتِ مُحَّمَدُ مِيرُ مَلَهَندو،
سَجِدي پَئي سُپِرِين، زارِي زورُ ڪَرِيندو،
اَحمَدُ ڪارَڻِ عاصِيينِ، اُتِ پَرمَلُ پاڪُ پِنَنَدو،
نَفسا نَفسِي سَڀَڪو ڪَري، اُتِ داتا ڏُونھِن ڊوڙَندو،
صِراطَ مَٿان سُپِرِين، اُتِ لالَڻُ لَنگهائِيندو،
مُھتُ ڏِيندُسِ مَولو، اُتِ بَدِيُون بَخشائيندو.
[ سُر سارنگ، وايون، 1 ]

ڪيچِي ڪالَهہ ڪَھِي وِئا، اَدِيُون آڌِيءَ راتِ،
جاڳان تان جيڪِي ٿِئو، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ،
ڦوڙائو فَقِيرِ کي، ڏِنو جَتَنِ سَندِيءَ ذاتِ،
رَفِيعُ الدَرَجاتِ، پَرمَلُ پُنهون ميڙِيين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 9 ]