پييُون جي سنڌي معنيٰ
آيون، وسيون، پَيُون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Came, laid, poured.
پييُون جا بيتن ۾ حوالا
تارا تِرَ تِروڪَڙِيُون، مَٿِنِ ڦُلَڙِيُون،
کُوءِ سي راتِڙِيُون، جي مان پييُون پِرِينءَ ري.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 3 ]
کُوءِ سي راتِڙِيُون، جي مان پييُون پِرِينءَ ري.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 3 ]
آھِنِمِ ڳالِهڙِيُون، ماءَ مُرادُون پِرِينءَ سين،
جٖي مان پييُون پِرِينءَ ري، کُوءِ سي راتِڙِيُون،
جٖي مان اورِيُون پِرِينءَ سين، وَرُ سي راتِڙِيُون ،
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِين جي، پاتِيُمِ جهاتَڙِيُون،
آڌِيءَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ڪُھَنِ ڪاتَڙِيُون.
[ سُر کنڀات، وايون، 3 ]

صُورَتَ ساھَڙَ ڄامَ جِي، ڏِٺِي جَنِ ھيڪارَ،
سُتِيُون ڪِينَ سُکِ ٿِي، ڀِرِي ساڻُ ڀَتارَ،
گِهڙِيُون گهَڙَنِئان ڌارَ، ڪاھي پييُون ڪُنَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 6 ]
سُتِيُون ڪِينَ سُکِ ٿِي، ڀِرِي ساڻُ ڀَتارَ،
گِهڙِيُون گهَڙَنِئان ڌارَ، ڪاھي پييُون ڪُنَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 6 ]
اَڄُ پُڻ اَکڙِيُون، پييُون پارِ پِرِيَنِ جي،
مُون کي مَحبُوبَنِ جُون چُڻِڪَن مَنجِهہ چَڙِيُون،
جٖي ميھارَ کي مِڙِيُون، سي لَهِرِنِ لوڏِيُون ڪِينَڪِي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 26 ]
مُون کي مَحبُوبَنِ جُون چُڻِڪَن مَنجِهہ چَڙِيُون،
جٖي ميھارَ کي مِڙِيُون، سي لَهِرِنِ لوڏِيُون ڪِينَڪِي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 26 ]
ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، پاسي پارِڪَرَ،
سَڀَيئِي ڀَرِيائُون سَرَ، پَلُرَ جي پالوٽَ سين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 9 ]
سَڀَيئِي ڀَرِيائُون سَرَ، پَلُرَ جي پالوٽَ سين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 9 ]
ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، آيُون عُمَرَڪوٽَ،
پُسايائُون پَلُرَ سين، سُڪا پَٽَ جي سوٽَ،
چَئِنچَلَ ڏيئِي ڇوٽَ، سامارو سَرِ ڪِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 10 ]
پُسايائُون پَلُرَ سين، سُڪا پَٽَ جي سوٽَ،
چَئِنچَلَ ڏيئِي ڇوٽَ، سامارو سَرِ ڪِئو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 10 ]
ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ڪِئا وِڄَڙِيَنِ وارا،
اُٺا گهَڻِيءَ اُورِ سين، ڪَڪَرَ جي ڪارا،
واحِدَ وَسِڪارا، چَوڌارِي چَڱا ڪِئا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 13 ]
اُٺا گهَڻِيءَ اُورِ سين، ڪَڪَرَ جي ڪارا،
واحِدَ وَسِڪارا، چَوڌارِي چَڱا ڪِئا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 13 ]
ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ڪِئا وِڄَڙِيَنِ ڌَرَمَ،
واحِدَ وَڏائِي ڪِئا، ڪُنڊِيُنِ ساڻُ ڪَرَمَ،
سَنگهارَنِ شَرَمَ، رَکُ مُنھِنجا سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 14 ]
واحِدَ وَڏائِي ڪِئا، ڪُنڊِيُنِ ساڻُ ڪَرَمَ،
سَنگهارَنِ شَرَمَ، رَکُ مُنھِنجا سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 14 ]
ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ٿِئا وَلَهارِيءَ وِيءَ،
سِجُ چَنڊُ نَہ پاڙيان، سيڻَنِ جي شَبِيھَ،
جي جانِي اَندَرِ جِيءَ، سي پِرِين پيھِي گهَرِ آيا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 16 ]
سِجُ چَنڊُ نَہ پاڙيان، سيڻَنِ جي شَبِيھَ،
جي جانِي اَندَرِ جِيءَ، سي پِرِين پيھِي گهَرِ آيا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 16 ]
ڇَپَرَ جِيئَن پَھُون، تِيئَن رِڻِ ڳِجُهون پييُون،
وَڪا وَڪَنِ گَڏِئا، ڊوڙِئو ڏِينِ ڊَھُون،
مَھايَنِ وَھُون، نِيۡرُ مَھانگو ڪَندِيُون.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 5 ]
وَڪا وَڪَنِ گَڏِئا، ڊوڙِئو ڏِينِ ڊَھُون،
مَھايَنِ وَھُون، نِيۡرُ مَھانگو ڪَندِيُون.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 5 ]
English Meaning
Came, laid, poured.