پيئِي جي سنڌي معنيٰ
پئي، پوڻ سببان، رکي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Put, on putting
پيئِي جا بيتن ۾ حوالا
ڇَپَرِ ھوتَ پُنهونءَ جِي، جَڏھِن پيئِي ڇا،
راڻَنِ ۾ رُڻِڪو ٿِئو، دَرِ دَرِ پيئِي دانھَن،
ساٿَ آيو سَرواڻُ، اَدِيُون اَڄُ ڀَنڀورَ ۾.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 9 ]
راڻَنِ ۾ رُڻِڪو ٿِئو، دَرِ دَرِ پيئِي دانھَن،
ساٿَ آيو سَرواڻُ، اَدِيُون اَڄُ ڀَنڀورَ ۾.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 9 ]
ڪوڙيِين اُڀا ڪيتِرا، وَڍِئو سِرَ سَڃِينِ،
جَي پَھتِ نَہ پيئِي سَڄَڻين، تَہ وَڍِيَل ٿا وارِينِ.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 32 ]
جَي پَھتِ نَہ پيئِي سَڄَڻين، تَہ وَڍِيَل ٿا وارِينِ.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 32 ]
ويڄَنِ ويٺيئي، دوسِتُ پيھِي دَرِ آيو،
صِحَتَ جِي سَرِيرَ ۾، ڪَلَ ڪَرِين پيئِي،
پِيڙَ پَري ويئِي، اَچَڻَ ساڻُ عَجِيبَ جي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 9 ]
صِحَتَ جِي سَرِيرَ ۾، ڪَلَ ڪَرِين پيئِي،
پِيڙَ پَري ويئِي، اَچَڻَ ساڻُ عَجِيبَ جي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 9 ]
ٽانڊين ڪانڊين ٻاٻُرين، پَچان مَرُ پيئِي،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، سِيخُنِ ۾ ٽيئي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 3 ]
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، سِيخُنِ ۾ ٽيئي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 3 ]
اَڄُ پُڻ اَڇائِي، چوڏِھيِنءَ ماھَ چَنڊَ جي،
مُون ڏُونھَن مُون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جِي وائِي،
مُون گهَرِ واڌائِي، پيئِي کامِ کَرَنِ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 14 ]
مُون ڏُونھَن مُون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جِي وائِي،
مُون گهَرِ واڌائِي، پيئِي کامِ کَرَنِ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 14 ]
ڪا جَا پيئِي مَڪڙِيين، مَنجهان پاڻِيءَ پِڪَ،
وَکَرُ ھَڻِي وَڻِڪَ، ڪَٽِجِي ڪارو ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 15 ]
وَکَرُ ھَڻِي وَڻِڪَ، ڪَٽِجِي ڪارو ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 15 ]
مَنجهان پيئِي مَڪُڙِيءَ، ڪا جَا پاڻِيءَ بُوندَ،
سيئِي ڏِٺَمِ رُوندَ، وَکَرُ جَنِ وِڃايو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 16 ]
سيئِي ڏِٺَمِ رُوندَ، وَکَرُ جَنِ وِڃايو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 16 ]
وچِينءَ جان ويھِي، جَرِ پَلَئُہ پايان،
تَڙِ ٻيڙا گهَرِ سُپِرِين، اوسَهَہ اِيءَ پيئِي،
وَڻِجارا سين وَکَرين، سَرَھا سَڀَيئِي،
حُرِمَتَ ساڻُ حَبِيبَ جي، سُنگِيا نَہ سيئِي،
پاڻِهِين او پيھِي، کَنڊَ کيڙائُو آيا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 13 ]
تَڙِ ٻيڙا گهَرِ سُپِرِين، اوسَهَہ اِيءَ پيئِي،
وَڻِجارا سين وَکَرين، سَرَھا سَڀَيئِي،
حُرِمَتَ ساڻُ حَبِيبَ جي، سُنگِيا نَہ سيئِي،
پاڻِهِين او پيھِي، کَنڊَ کيڙائُو آيا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 13 ]
گهَڙَنِ وارِيُون تَڙَنِ تي، گهِڙَنِ گهَڻيئِي،
سَڀَڪا چئَي سُهڻِي، لَئي پِريان پيئِي،
صُباحَ سَڀَيئِي، پَسِبِيُون پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 8 ]
سَڀَڪا چئَي سُهڻِي، لَئي پِريان پيئِي،
صُباحَ سَڀَيئِي، پَسِبِيُون پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 8 ]
گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، تُرَھي ناھي تاتِ،
اَچِي پيئِي ڪُنَ ۾، جِتي ڏِينھُن نَہ راتِ،
عاشِقاڻِي ذاتِ، مُئِي مَلَهائي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 28 ]
اَچِي پيئِي ڪُنَ ۾، جِتي ڏِينھُن نَہ راتِ،
عاشِقاڻِي ذاتِ، مُئِي مَلَهائي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 28 ]
English Meaning
Put, on putting