ٻَرِ جي سنڌي معنيٰ
هاءِ، افسوس!
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Alas! Aah!
ٻَرِ جا بيتن ۾ حوالا
جَي ٻُڏان تَہ ٻَنِ، مَرُ اولِجان اُنَ يارَ ڏي،
ڪَنڌِيءَ مَٿان سُپِرِين، مانَ ٻَرِ ٻَرِ ڪَن،
مُيائِي سين تَنِ، جيڪَرَ اُٿِي اورِيان.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 22 ]
ڪَنڌِيءَ مَٿان سُپِرِين، مانَ ٻَرِ ٻَرِ ڪَن،
مُيائِي سين تَنِ، جيڪَرَ اُٿِي اورِيان.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 22 ]
اَڱُ پَسِي رَڱُ ٿِئو، ڪو جَو دَورُ دِلي،
ٻَرِ ٻَرِ ٻيلِي نَہ ٿِئو، ڪَچو مَنجِهہ ڪِلي،
جِيئَن تَران تِيئَن تارِ گهَڻو، تُنھِنجو بَحرُ بَلي،
سو ميھارومِ مِلي، آھِيان جَنھِن جي آسِري.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 9 ]
ٻَرِ ٻَرِ ٻيلِي نَہ ٿِئو، ڪَچو مَنجِهہ ڪِلي،
جِيئَن تَران تِيئَن تارِ گهَڻو، تُنھِنجو بَحرُ بَلي،
سو ميھارومِ مِلي، آھِيان جَنھِن جي آسِري.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 9 ]
ڀيلي ڀُلائِي، پَسِي چِٽَ چَرِي ٿِي،
ٻَرِ ٻَرِ ٻُڏِي سُهڻِي وِيرِنِ ۾ وائِي،
ڪَچي ڪيرائِي، لالَ لَهرِنِ وِچَ ۾.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 18 ]
ٻَرِ ٻَرِ ٻُڏِي سُهڻِي وِيرِنِ ۾ وائِي،
ڪَچي ڪيرائِي، لالَ لَهرِنِ وِچَ ۾.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 18 ]
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، باڪا چَڙِهي بَرِ،
جَتَنِ ڌاران جيڏِيُون، ھِينيُون جَرِ نَہ ٿَرِ،
ڪا نَہ ٻُڌيِسُون ڪَڏِھِين، اِھَڙِي پَرِ ڪُپَرِ،
ٻاروچا ٻَرِ ٻَرِ، راتِ نَہ رَھِئا ھَيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 5 ]
جَتَنِ ڌاران جيڏِيُون، ھِينيُون جَرِ نَہ ٿَرِ،
ڪا نَہ ٻُڌيِسُون ڪَڏِھِين، اِھَڙِي پَرِ ڪُپَرِ،
ٻاروچا ٻَرِ ٻَرِ، راتِ نَہ رَھِئا ھَيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 5 ]
ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، سازُ ڪِئائِين سَرِ،
ويھِي ڪِي وَڏاڻَ سين، پاٺَ پَنھِنجِي پَرِ،
ٻِيجَلَ ڪَري ٻَرِ ٻَرِ، وِڌو ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 8 ]
ويھِي ڪِي وَڏاڻَ سين، پاٺَ پَنھِنجِي پَرِ،
ٻِيجَلَ ڪَري ٻَرِ ٻَرِ، وِڌو ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 8 ]
جَي وِلِهي ڪَرِيين وَلَها، تَہ اڱَڻِ تو آئِي،
ڪانڌَ ڪوٺِجِ ڪَڏِھِين، ٻَرِ ٻَرِ ٻاجهائِي،
وارِجِ ڪا وائِي، دِلاسي جِي داسَڙا.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 41 ]
ڪانڌَ ڪوٺِجِ ڪَڏِھِين، ٻَرِ ٻَرِ ٻاجهائِي،
وارِجِ ڪا وائِي، دِلاسي جِي داسَڙا.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 41 ]
ھَئَي ٻَرِ اڱارَنِ ٻَڏائِين ٻَرَنِ جٖي،
ھِڪِڙا کُوري کانيا، ٻِئو ڌُوڌي مَنجِهہ ڌَڳَنِ،
اَڃا لُھارَنِ، ميڙي رَکِئا مَچَ لَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 22 ]
ھِڪِڙا کُوري کانيا، ٻِئو ڌُوڌي مَنجِهہ ڌَڳَنِ،
اَڃا لُھارَنِ، ميڙي رَکِئا مَچَ لَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 22 ]
تارُو تَرِيو وَڃَنِ، نَنڍا وَڏا واھُڙا،
ھَئَي ٻَرِ اَتارُنِ، ڳَرا مَٿِنِ مولِهيا.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 2 ]
ھَئَي ٻَرِ اَتارُنِ، ڳَرا مَٿِنِ مولِهيا.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 2 ]
سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُتَرَ واءُ وَرِيونِ،
ٻارَھِين ماھِ نَہ موٽِئا، سَمُنڊَ ڪاڄُ سَرِئونِ،
ٻَرِ ٻَرِسُورُ سَندونِ، اَڄُ ڪَنھِن سين اورِيان.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 14 ]
ٻارَھِين ماھِ نَہ موٽِئا، سَمُنڊَ ڪاڄُ سَرِئونِ،
ٻَرِ ٻَرِسُورُ سَندونِ، اَڄُ ڪَنھِن سين اورِيان.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 14 ]
ھَئَي ماتامُ ٻَرِ ماتامُ،
اِمامَنِ جو ڪَرِيو ماتامُ، شَھِيدَنِ جو ڪَرِيو ماتامُ،
روئِي روئِي اَکِيُون، رَتُ ڇو نَہ ڀَرِيو،
جيڪِي اِمامِنِ سين ٿِئو، سو پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 5 ]
اِمامَنِ جو ڪَرِيو ماتامُ، شَھِيدَنِ جو ڪَرِيو ماتامُ،
روئِي روئِي اَکِيُون، رَتُ ڇو نَہ ڀَرِيو،
جيڪِي اِمامِنِ سين ٿِئو، سو پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 5 ]
English Meaning
Alas! Aah!