ٺارُ جي سنڌي معنيٰ
ٿڌ، ٿڌڪار، فرحت، آرام، سرور ۽ سڪون
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Cold, chilled, what cools the blood, cooling. (s. m) Ease of mind, tranquility, what causes such.
ٺارُ جا بيتن ۾ حوالا
تَڙي طَبِيبَنِ، گهايَلُ گهَران ڪَڍِئو،
چِڪِئا چاڪَ چِيھُون ڪَري، ڪَڙِيُون مُورُ نَہ ڪَن،
دوسِتَ دَرسَنَ تُنھِنجي، وِڌو ٺارُ ٺَپَنِ،
وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، آءُ تَہ پِريَمِ اُٿِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 23 ]

مَڻِيو وِجِهي مِٽِيءَ ۾، ھائِيءَ وِجِهِج ھارُ،
سُوڀِي سُکُ سَيِّدُ چئَي، ڪَرِيين ڪوھُ قَرارُ،
راجا رِيساڻُون گهَڻو، سَٽاڻُون سَرِدارُ،
چوڏِسِ چَنيسَرَ ڄامَ جو، ڏيھان ڏيھِ ڏَھڪارُ،
ٺاڪُرُ اَکِيُنِ ٺارُ، مَڻِيي تي ٿِي مَٽِيين.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 3 ]

مَرڪَڻَ تُون مَ مَريجِ، سِرَ صَلابَتَ سُپِرِين،
آھِين ٺارُ اَکِيُنِ جو، وَٽان مُون مَ وَڃيجِ،
تَماچِي تَڳيجِ، ڪو ڏِينھُن ڪِينجُهرَ ڪَنڌِيين.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 6 ]